”سنڌ جو سنجيده مسئلو فرد-سازي آهي“

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي پوسٽ

سنڌ جا عالم ۽ اديب، مدبر ۽ مفڪر ٻه اکر ٻوليندا آهن، يا ڪجهه لکندا آهن ته دل ٺري پوندي آهي. ڇا نه الله پاڪ کين ڏات ۽ ڏاهپ ڏني آهي! ساري جڳ جهان جي حالتن تي نظر اٿن. ڪٿي ڪو دک درد جنم وٺي ٿو ته سندن سينا سورن- هاڻا ٿي پون ٿا. ڪٿي ظلم ٿئي ٿو ته هنن جو روح روئڻ لڳي ٿو. جهڙوڪ دنيا سرنهن جي داڻي جيان سندن تريءَ تي آهي. جتي جتي ڪجهه وهي واپري ٿو، ان بابت ننهن کان چوٽيءَ تائين کين خبر هجي ٿي.

پر ڏيئي هيٺان اوندهه ڇو ٿئي ٿي؟ اها ڪهڙي ڳالهه آهي ۽ ڪهڙي مجبوري يا مصلحت آهي ته سنڌ جي سينڌ سينگارڻ ۾ اهي تيل ڦليل ڪجل ۽ مينديون ڪو نه ٿيون ڏسڻ ۾ اچن، جن کي هو ڪتب آڻي، ڪنهن نئين ڪهاڻي کي جنم ڏين ۽ پنهنجيءَ سرت جي سونهن سان سنڌ واسين کي به حصو ڏين.

ها، اها ڳالهه برابر آهي ته سنڌ جي سورن جي ڄاڻايلن جا وٽن داستان موجود آهن. سندن قلم ۽ قول ۾ ماڻهن جي مجبورين جا آواز موجود آهن. هي به سچ آهي ته صحافي ۽ اديب قلم کي ڪات ڪهاڙا بڻائي سنڌ-دشمن قوتن ۽ سازشن جو مقابلو ڪري رهيا آهن. هيءَ به حقيقت آهي ته سنڌ دوست مدبر ۽ سياستدانن جي حڪمت عملين سنڌ جي نوجوانن ۾ جوش ۽ ولولي کي دائم رکيو آهن. ان ڪري اسان جون محفلون به آباد آهن ته جيل خانا به ويران ڪو نه آهن. روڊ ۽ رستا به بلاڪ ٿين ٿا ته اخبارن ۽ ٽي ويءَ تي دونهاندار ۽ زبردست بيان ۽ بحث به ڏسڻ ۾ اچن ٿا.

پر سوال ٿو اُٿي ته هي هيڏو سارو ۽ سڀ ڪجهه ٿئي ٿو، پر پوءِ به تريءَ تيل ڇو نه ٿو لڳي؟ پوءِ به حالتون ڇو ٿيون مثبت موڙ وٺن. پنجن منجهان پندرهن ڇو نه ٿا ٿين؟ ايڪو ۽ اتحاد قائم ڇو نه ٿو ٿئي؟ شهرن مان قهر بند ڇو نه ٿو ٿئي؟ ٻهراڙين مان بک ۽ بيروزگاريءَ جي باهه ڇو نه ٿي وسي؟ ڪٿي نه ڪٿي ڪا ڪمي ضرور آهي. ڪٿي نه ڪٿي ڪو حڪمت عمليءَ ۽ طريقه ڪار ۾ نقص ضرور آهي.

تحريڪون وڏي زور سان هلن ٿيون، پر اچانڪ بي مقصد دم ٽوڙي وڃن ٿيون. اتحاد جڙن ٿا، پر اڻ-ٻڌايو بي عمل ٿي وڃن ٿا. جيتوڻيڪ انهن ۾ ڪيترا قربانيءَ جو ٻڪرو به ٿين ٿا، ڪيترا نقصان به برداشت ڪن ٿا. ڪيترن کي ڇيهو به رسي ٿو.

اهو سڀ ڪجهه ويساهه-گهاتيءَ ڪارڻ ٿئي ٿو. قوم سان هر نازڪ موڙ تي ويساهه-گهاتي ٿئي ٿي. ڪو نه ڪو فرد پنهنجي گروهه کي، ماڻهن کي بلڪ قوم کي ٻُنڀي ۾ وجهي ڇڏي ٿو. ڪو نه ڪو ذاتي يا گروهي مفادن تي سڄيءَ قوم جو وڪرو ڪري ويهي ٿو ۽ قوم کي ان جي ڪا به ڪل ڪا نه ٿي پئي. اسان جي اڪثر تحريڪن دوران ائين ٿيو. ماڻهن جون محنتون ۽ محبتون اڪثر ڪري پنهنجي منطقي نتيجي تي ڪو نه پهتيون آهن. ڪنهن وڏيري جي روپ ۾، ڪنهن پير جي روپ ۾، ڪنهن سياستدان يا سماجي ڪارڪن جي روپ ۾ موقعي ملڻ تي معتقد ماڻهن سان بي وفائي ڪئي. ڪنهن ٽي. وي يا اخبار جي ڌڻيءَ ٿوري مفاد تي عوام کي سچ ٻڌائڻ کان پاسو ڪيو. سنڌ سان ۽ سنڌ واسين سان ائين ويڌن ٿيندي آئي آهي. سنڌ يا سنڌي ڪهڙيءَ ڪورٽ ۾ وڃي داد فرياد ڪن؟ جي اتر ڊاهي ان کي ته ڪنهن کي ڪارون ڪن؟ جيڪڏهن خواجا خضر ئي ٻيڙي ٻوڙي تي ڪنهن کي دانهن ڏبي؟ جي رهبر ئي رهزن ٿين ته ڪٿي ڀڄي جند ڇڏائبي؟

هي سڀ ڪجهه ان ڪري ٿئي ٿو جو اسان فرد جي تربيت تي توجهه نه ڏنو آهي ۽ انسان- سازيءَ جي عمل کي نظرانداز ڪيو آهي. اسان ماڻهوءَ کي ماڻهو ٿيڻ جو موقعو ئي ڪو نه ڏنو آهي. بيشڪ اسان کي فرشتن ٿيڻ جو شوق نه هجڻ گهرجي. ڇو ته فرشتن ته اسان جي ڏاڏي کي سجدو ڪيو هو. اسان سجدن جا ائين شائق ڇو ٿيا آهيون؟ اسان فقط سجدا ڇو ٿا ڪريون؟ اسان معمولي مفاد حاصل ڪرڻ تي سيس نوائي ڇو ٿا ويهون؟ هيءَ اسان جي ڪهڙي فرد-سازي ڪئي وئي آهي؟ هيءَ اسان جي ڪهڙي انسان-سازي ٿي آهي؟ اسان ائين ڇو ٿا ڪريون جو هاڻي ته شيطان به رضا خوشيءَ سان رٽائرمينٽ وٺي هتان پاڻ کي جلاوطن ڪري ويو آهي. ان جي غير حاضري ۾ اسان مان ڪيترا سندس سفير ۽ نمائندا بڻجي ڇو سرگرم عمل ٿي ويا آهن؟ ڇا هيءَ ئي اسان جي ۽ هينئن ئي اسان جي شخصيت سازي ٿي آهي؟

لڳي ٿو ته اسان جي نظام ۾ اهڙي ڪا گنجائش ئي موجود ڪانهي، جا ماڻهوءَ کي ماڻهو ٿيڻ ۾ مدد ڪري. لڳي ٿو ته اسان کي ماڻهونءَ مان انسان ٿيڻ ۾ اڃان ڪيتريون صديون لڳنديون. اچو ته انهن صدين کي گهٽايون، پاڻ کي جوڙيون، پاڻ کي ڳولهيون ۽ مکڻ جهڙا ماڻهو، بي لوث، قرباني ڏيندڙ، بخشيندڙ، معاف ڪندڙ، ڀلائي ڪندڙ، دوکو نه ڏيندڙ، ڏنڀ نه ڏيندڙ، دشمني نه ڪندڙ انسان بڻايون ۽ ائين پاڻ به ٿي پئون.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.