عمران جي اقتدار لاءِ رستو صاف ڪرڻ جو ڪيس، ثاقب نثار طلب

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي جي اطلاعات بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار کي پيشي لاءِ وري نوٽيس موڪلي ڇڏيو. قومي اسيمبلي جي اطلاعات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس لاءِ ريڪوزيشن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي.اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪميٽي ۾ پيش ٿيڻ جو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪميٽي راڻا شميم کي به ايندڙ اجلاس تي طلب ڪيو آهي. ڪميٽي چيئرمين جاويد لطيف پي ٽي آءِ جي اڳوڻي صدر جاويد هاشمي کي به اجلاس ۾ طلب ڪري ورتو. ڪميٽي جاويد هاشمي کان وزارت عظميٰ لاءِ عمران خان جو رستو صاف ڪرڻ جي بيان بابت تفصيل گهريا آهن. انصار عباسي، تجزئي نگار حسن نثار ۽ پيمرا چيئرمين کي به ايندڙ اجلاس ۾ طلب ڪيو ويو آهي،ڪميٽي حسن نثار جي جمهوريت جو نالو وٺڻ واري کي گولي سان اڏائڻ جي بيان جو به نوٽيس ورتو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.