پيرڳوٺ ۾ مقتول جي وارث عورتن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) ڪنگري جي ڪچي جي ڳوٺ مينگھو خروس ۾  هٿياربندن هٿان قتل ٿيل نوجوان علي شير خروس جو 5 ڏينهن گذرڻ باوجود فيض محمد ٻنڊو پوليس ڪيس داخل نه ڪري سگهيو آھي، ان سلسلي ۾ مقتول علي شير خروس جي وارثن محمد نواز، شاھنواز خروس ۽  عورتن احتجاج ڪندي چيو ته 5 ڏينهن اڳ روپوش ڏوھاري هزارو خروس جي ٽولي اسان جي نوجوان علي شير خروس کي گوليون هڻي قتل ڪيو ڳوٺاڻن جي جوابي فائرنگ ۾ 2 هٿياربند صيفل ۽ راجا خروس به مارجي ويا هئا پر فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي ايس ايڇ او نثار احمد مھر  مارجي ويل روپوش ڏوھارين جو اسان مٿان ڪيس داخل ڪيو پر اسان جي بيگناھ قتل ڪيل نوجوان جو ڪيس 5 ڏينهن گذرڻ باوجود داخل نه ڪيو آھي، هنن اھو به الزام هنيو ته فيض محمد ٻندو ٿاڻي جي پوليس  اسان جي مخالفن کي ساڻ ڪري گهرن مان سوين مڻ ڪڻڪ ۽ گهرن جو الھ تلھ کڻي اسان سان وڏو ناحق ڪيو آھي، هنن آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي خيرپور کي اپيل ڪئي آھي ته اسان جي نوجوان جو قتل ڪيس جوابدارن مٿان داخل ڪري گهرن مان ڦرلٽ ڪيل سامان واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ عدالت جو دروازو کڙڪايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.