لاڙڪاڻي ڀرسان وين جي ٽڪر ۾ پورهيت فوت

لاڙڪاڻو(ڊ ر) باڊهه کان لاڙڪاڻي ايندڙ تيز رفتار وين جي ٽڪر ۾ مڇي وڪرو ڪندڙ پورهيت فوت ٿي ويو، پوليس وين تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي  گرفتار ڪري ورتو، لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا. ان سلسلي ۾ ڪالهه لاڙڪاڻي ويجهو بقاپور ٿاڻي جي حد ايئرويز ڪالوني اوٺا چوڪ روڊ تي باڊهه کان لاڙڪاڻي ايندڙ تيز رفتار وين جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار شهر جي الهه آباد گوليمار گهٽي جو رهواسي 45 سالا مڇي وڪرو ڪندڙ پورهيت محمد مٺل ولد فتح محمد چانڊيو سخت زخمي ٿي پيو، اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس پهچي وين تحويل ۾ وٺي ڊرائيور ارشاد شيخ کي گرفتار ڪري ورتو بعد ۾ زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو ويو جتي علاج دوران پورهيت زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. ان موقعي تي فوتي پورهيت جي پٽ جاويد چانڊيو ٻڌايو ته منهنجو پيءُ موٽرسائيڪل تي مڇي وڪرو ڪندو آهي جيڪو اوٺا چوڪ کان واپس گهر ڏانهن اچي رهيو هو ته رستي ۾ تيز رفتار وين جي ٽڪر ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو جيڪو اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي. ان حوالي سان بقاپور ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته وين ڊرائيور ارشاد شيخ کي گرفتار ڪري ورتو آهي جيڪو لاڙڪاڻي کان باڊهه فتح پور روٽ تي وين هلائيندو آهي. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد فوتي پورهيت جو لاش وارث گهر ڏانهن کڻائي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.