بوزدار وڏا ۾ پيءُ جو پٽ جي گمشدگي خلاف احتجاج

بوزدار وڏا (ن ع آ)بوزدار وڏا ڀرسان ڳوٺ ننڊا ٽالپر جي رهواسي ريٽائرڊ فوجي مجاهد علي ٽالپر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 20سالا نوجوان منهنجو پٽ سرمد علي  (عرف) زين کي بوزدار وڏا سيمينٽ ۽ ٻي سامان لاءِ 50 هزار ڪيش ليپٽاپ  ساڻ کڻي بوزدار وڏا ويو هو جيڪو واپس ناهي موٽيو هنن چيو ته پريشاني آهي ڪٿي اغوا وغيره جهڙو واقعو نه پيش اچي ڇو جو اسان غريب مسڪين پورهيت آهيون هنن چيو ته پنجن ڏينهن کان واپس نه موٽيڻ تي اسان تمام گهڻا پريشان آهيون ۽ مٽن مائٽن ۽ دوستن کان پڇا ڳاڇا ڪئي آهي پر ڪٿي به ڏس پتو نه پئجي سگهيو هن چيو ته منهنجو  پٽ شادي شده به  آهي سندس ٽي ٻار آهن ۽ سندس گهرواري ۽ ان جي  امڙ سميت سموري فيملي اسان تمام گهڻو پريشان آهيون ۽ ان جي پهرين ڏينهن کان ان جا فون نمبر به بند ملڻ ڪري اسان کي تمام گهڻي پريشاني ٿي رهي آهي هنن چيو ته اسان واقعي جي حد جي ٿاڻي بوزداروڏا تي نامعلوم اين سي پڻ داخل ڪرائي آهي هنن چيو ته اسان جي گهر ۾ ڪهرام متل آهي هنن چيو ته سرمد جي گهرواري ان جا معصوم ٻارڙا ۽ ان جي  امڙ زاروقطار روئي رهيا آهن ۽  باربار سرمد جو پڇي رهيا آهن هنن چيو ته ايترن ڏينهن کان نمبر آهي اسان کي شڪ ٿو ٿئي  ته ڪٿي سرمد علي متاع ِ اغوا  نه ٿي ويو هجي هنن  آء جي سنڌ ڊي آء جي سکر ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪندي جلد نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪئي ته جلد کان جلد جاچ ڪري اسان جي نوجوان سرمد علي جي ڳولا ڪري واپس ڪرايو وڃي ۽ اسان جي پريشاني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.