وفاقي حڪومت طرفان سنڌ ۾ ترقياتي منصوبا تيزيءَ سان جاري آهن: عمران اسماعيل

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته وفاقي حڪومت طرفان سنڌ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ ترقياتي منصوبا تيزيءَ سان جاري آهن.

عمران اسماعيل سان تحريڪ انصاف اڳواڻ غوث علي شاهه گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سنڌ صوبي جي ترقياتي منصوبن ۽ موجوده سياسي صورتحال تي ڳالهيون ٿيون.

گورنر عمران اسماعيل چيو ته وفاقي حڪومت طرفان سنڌ صوبي جي تعمير ۽ ترقي لاءِ ترقياتي منصوبن تي ڪم تيزيءَ سان جاري آهي.

سيد غوث علي شاهه چيو ته سنڌ جي عوام جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ وفاقي حڪومت جا ترقياتي قدم ساراهه جوڳا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.