سکر ۾ اغوا ڪوڙو ڪيس، جاچ آفيسر معطل

سکر ( رپورٽر ) عائشا نالي ڇوڪري جي اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ  ۽ جاچ آفيسر پاران غلط رپورٽ پيش ڪرڻ تي ڊي ايس پي سائيٽ ۽ جاچ آفيسر کي معطل ڪري سي پي او رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جڏهن ته سموري واقعي جي رپورٽ ايڊيشنل آءِ جي پاران مڪمل ڪرڻ کانپوءِ رپورٽ آءِ جي سنڌ ڏانهن اماڻي وئي آهي. ياد رهي ته ڄاڻايل آفيسرن عائشه نالي ڇوڪري جي گهران نڪري اصغر سان پسند پرڻي ڪرڻ باوجود ڊي ايس پي سائيٽ ۽ جاچ آفيسر حميد ڀٽو پاران اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو هو جنهن بابت ڇوڪري سان شادي ڪندڙ اصغر جي ڀاءُ مرتضيٰ جاگيراڻي آءِ جي سنڌ کي انڪوائري جي درخواست ڪئي وئي هئي جنهن جي رپورٽ ايڊيشنل آءِ جي حوالي ڪئي وئي جنهن ۾ ٻنهي آفيسرن پاران اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ جي نشاندهي ڪندي جاچ آفيسر خلاف ڪاروائي جي سفارش ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.