ھالا ۾ مخدوم محمد الزمان طالب المولى جي 29 هين ورسي

هالا(ن ع آ)نالي واري سياستدان، اديب دانشور، علم و ادب جي روح روان سروري جماعت جي روحاني پيشوا ۽ درگاهه حضرت غوث الحق مخدوم سرور نوح جي سترهين سجاده نشين مخدوم محمد الزمان طالب  المولى جي 29 هين ورسي هالا ۾ نهايت ئي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي، ورسي جي موقعي تي سروري تنظيم جي اڳواڻ مخدوم احمد الزمان سروري جماعت جي مريدن سان گڏ مخدوم طالب المولى جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري، ان موقعي تي درگاهه سرور نوح جي احاطي ۾ اسڪولي شاگردن ۽ مختلف مدرسن جي شاگردن پاران قرآن خواني پڻ ڪئي وئي، جڏهن ته شهرين سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران وفدن جي صورت ۾ مزار تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهي دعائون خصوصي گهريون ويون، پهريون ڀيرو مخدوم محمد زمان طالب المولا جي ورسي تقريب ۾ سندس پٽن مان ڪنهن به شرڪت نه ڪئي. جڏهن ته هر سال ورسي ۾ مخدوم محمد امين فهيم شرڪت ڪندو رهندو هو سندس وفات بعد سندس وڏو فرزند مخدوم جميل الزمان يا سندس فرزند مخدوم محبوب الزمان جن ورسي تقريب ۾ شرڪت ڪندا رهندا هئا. مگر هن سال مخدوم محمد زمان طالب المولا جي هيڏي وڏي شخصيت جي ورسي ۾ سوين مريدن، شهرين،سياسي ،سماجي،علم و ادب سان تعلق رکندڙ سڄاڻ حلقن ته شرڪت ڪئي مگر سندس خاندان جي سواء هڪ فرد مخدوم احمد زمان جي ڪنهن به وڏي شرڪت نه ڪئي جنهن سبب ڏورانهن علائقن مان مخدوم خاندان فردن جي زيارت لاءِ پهتل زائرين ۾ شديد بي چيني نظر اچڻ لڳي.

  • راڌڻ  مان انتظاميا برسات جو پاڻي نيڪال نه ڪيو،  احتجاج

راڌڻ (ن ع آ) راڌڻ ڀرسان ٿرڙي محبت ۾ پنج ڏينهن پيل سياري جي برسات سبب شهر جي ڀٽا ڪالوني ۾ گند ڪچري جا ڍير گڏ ٿيڻ  سبب سڄي ڪالوني گند جي ڍير جو ڏيک  ڏيڻ لڳي آهي اهڙي بدانتظامي خلاف سني ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻ صدرالدين جانوري‘ ايس يو پي تعلقي ميهڙ جي صدر غلام شبير منگي‘ شعبان لاشاري‘ وحيد لاشاري‘ انعام کوسو‘ اختر ڳن‘ عادل منگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ ٽائون ڪاميتي جي انتظاميه خلاف سخت ناري بازي ڪئي وئي هن موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شهرين چيو ت ٽائون ڪاميٽي ٿرڙي محبت جو ٽائون آفيسر ريحان لغاري هڪ ت آفيس ۾ اچي ئي ڪون ٿو اسين فون ڪيون ٿا ت اها ب هو اٽينڊ ن پيو ڪري.  هنن چيو ته هو بااثر ۽ حڪمران ڌر جي آشيرواد سان ڪيترائي سال هن ٽائون ڪاميٽي ۾ ٽائون آفيسر ٿي رهيو آهي پر هو ٽائون ڪاميٽي کي ملندڙ ماهوار 35 لک روپين جي ڪرپشن ڪري رهيو آهي  جڏهن ته شهر ۾  صفائي  ب ن ٿو ڪرائي هنن ڪمشنر حيدرآبا ڊي سي دادو ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو  ت ٿرڙي محبت جي ٽائون آفسير جي ڪرپشن جو نوٽيس وٺي ڀٽا ڪالوني سميت سڄي شهر جي صفائي ڪرائي وڃي ٻئي صورت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.