ڪالهه ڪاجهر تان ماهگيرنه موٽيا!!

تحرير : علي رضا وڻجارو جي پوسٽ

ڪالهه ڪيٽي بندر ويجهو سنڌي سمنڊ جي حدن مان ڪاجهرڪريڪ ڀرسان انڊين نيوي جااهلڪار کلي سمنڊ ۾ مڇيءَ ماني جو شڪار ڪندڙ کاروڇاڻ آٿرڪي ٻيٽ جا ماهگير جن جي ال ياسين ٻيڙي مٿان ڪاهه ڪري 10سنڌي ملاحن کي کنڀي کڻي ويا انهن 10 کنڀيل مهاڻن ۾ 2ننڍي عمر وارا ٻار غلام مصطفىٰ ۽ستار خان به شامل آھن.جيڪي پنهنجي ۽ پنهنجي گهرڀاتين جي پيٽ جي باهه اجهائڻ خاطر هن سخت سرديءَ ۾ ٻيڙي ۾ رڇ کڻي کلي سمنڊ ۾ مڇيءَ ۽ساني جو شڪار ڪرڻ لاءِ ويل هئا جيڪي انڊين نيوي اهلڪارن هٿان کنڀجي ويا جن کي بناڪنهن سبب جي انڊيا جي جيلن ۾ واڙيو ويوآھي اهو به ٻڌڻ ۾ آيو آھي ته انهن ۾ 3 سڳا ڀائر به شامل آھن جيڪي پنهنجي ڪٽنب جي جياپي جي جنگ خاطر سمنڊ جو ڌنڌو ڪرڻ ويا هئا.جن ماهگيرن جي گهرن ۾ ڪمائڻ وارا فرد هڪ يا هڪ کان وڌيڪ هجن اهي به جيڪڏھن واپس نه ورن ته پوءِ پڪ ڄاڻوسندن گهرن ۾ فاقاڪشيءَ روڄ راڙي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به هوندو. جڏھن ته اسان وٽ ڪي به سچار ماهگيرن جون تنظيمون ياسياسي ڌريون به ناهن جيڪي انڊيا ۾ قيد ماهگيرن جي سارلهن.

تازوانڊياجي جيل مان جنگيسر جا ماهگيرآزاد ٿي ڏيهھ آيا انهن کي به لاهور۾ ڪيترائي ڏينهن تفتيش لاءِ رکيو ويو جن مان 6 ماهگيرن کي سندن گهرن ڏانهن ته موڪليو ويو آھي پر ته اڃان به ڪجهه ماهگير لاهور ۾ رڪيل آھن. سنڌي سمنڊ ۽هندي سمنڊ ٻنهي جي حدن کي تڪراري بڻائي مسڪين ماهگيرن جوڪوس ڪرڻ ياکين قيد ڪري استعصال ڪرڻ ٻنهي ملڪن جي کي نٿو جڳائي ٻئي ملڪ ماهگيرن کي سمنڊ مان مڇيءَ جوشڪار ڪرڻ دوران گرفتار ڪري معصوم ماهگيرن جي غلامن وانگر مٽا سٽا ڪري انسانيت جي روح کي رنجائين ٿا.

ڏٺو وڃي ته انڊيا وري به پنهنجي پڪڙيل ماهگيرن جي مالڪي ڪرڻ سان گڏ سندن خاندان جي مالي سپورٽ به ڪري ٿو پرسنڌ جي پڪڙيل نڌڻڪن ماهيگيرن کي نٿو سنڀاليو وڃي. انڊيا جي ماهگيرن وٽ سرڪاري ٻيڙا رڇ هوندا آھن جڏھن ته سنڌ جي ماهگيرن وٽ واپارين کان قرض تي کينل يا سندن سالن جي سخت ڪيل محنت مزدوري جارڇ ٽپڙ هوندا آھن. رات جي وقت سامونڊي حدن جي ڪا خبرنٿي پوي. ناکئي کان ٻيڙا لهرن جي زورتي سمنڊ جو رسمي ليڪو ڪراس ڪري ويندا هوندا . هوڏانهن ڪٿي سرڪاري خرچ تي هلندڙ جديدقسم جا طاقتورجنگي ٻيڙا ته وري ڪٿي خالي هٿن سان ڪمزور ماهگيرن جا ٿوري خرچ تي تيار ٿيل روايتي ٻيڙا جيڪي ماڪوڙي چال مس هلندا آھن .سنڌي سمنڊ ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان مسسل انڊين نيوي عملو ۽ ڪوسٽ گارڊعملو سنڌي ماهگيرن مٿان بلاجوازڪاھ ڪري مسڪين ماهگيرن کي کنڀي کڻي وڃن ٿا .ان سان گڏو گڏ لکين روپين جي ماليت جون لانچون هوڙا به رڇن ٽپڙ به ضبط ڪن ٿا.ماضيءَ ۾ بي رحم انڊين نيوي اهلڪارن هٿان ڪيٽي بندر جي ناکو عمرشولاڻي جهڙا جنگ جوان

بي دردي سان گولين جوکاڄ بڻايا ويا آھن.ته ڪيترن ئي معصوم ماهگيرن جا انڊين جي جيلن مان لاشا سندن وارثن کي تحفي ۾ موڪليا ويا آھن. آخرڪيرايندو جيڪو سمنڊ تي اچي ليڪو پائيندو ۽ معصوم سنڌي ماهگيرن کي تحفظ ڏياري يا قيد وبند کان ڇوٽڪارو ڏياريندو.هتي ته انساني حقن جون تنظيمون به لفظي بيان بازي تائين محدودهونديون ۽ مهانگن پراجيڪٽن تي عياشون ڪرڻ تائين محدود ٻڌجن ٿيون پر 75 سالن کان ماهگيرن جي ڳنڀير مئسلي تي ڪوخاص ڌھيان ڌرڻ لاءِ کين تيار ناهي ڏٺو ويو.

اسان انسانيت سان پيارڪندڙ عالمي انساني حقن جي تنظيمن ۽ سياسي سماجي ڌرين وفاقي سرڪار کي اپيل ڪنداسين ته. بي ڏوهه قيد ڪيل ماهگيرن کي آزاد ڪرايو وڃي جئين هو پنهنجي پيارن سان گڏ رهي باقي زندگي جاڏينهن خوشيءَ سان گذاري سگهن جيستائين اوهان ٻئي ملڪ پاڻي تي ليڪو پائي ڪا سرحد ٺاهي وٺو.تيسيتائين غربت جي چڪيءَ ۾ پڙھيل ماهگيرطبقي کي سرحدي ڇوٽ ڏيو ته هو مڇي جو آساني سان شڪار ڪري پنهنجو ۽پنهنجي ٻچن جو پيٽ گذرڪن .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.