سنڌ ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ جوذميوار ڪير۔۔؟

تحرير ؛ گلشن چانڊيو

سنڌ جي اندر يوريا ڀاڻ جي کوٽ بحراني صورتحال اختيار ڪري چڪي آهي جنهن سبب سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آبادگارن جا احتجاج روز جو معمول بڻجي چڪا آهن ۽ ڀاڻ جو بليڪ مارڪيٽنگ تي وڪرو جاري آهي  ، يوريا ڀاڻ جي في ٻوري 1750 روپيا ملندي هئي جيڪا هاڻي بليڪ تي 2900 کان 3000 روپين ۾ ملي پئي جڏهن ته ڪارو ڀاڻ في ٻوري 3750 روپين ۾ وڪرو ٿيندي هئي جيڪا هاڻي 9000 روپين ۾ ملي ٿي ۽ اهڙي ڪڌي ڪاروبار ۾ ڀاڻ  ڪمپنين ۽ ڊيلرن جي ملي ڀڳت آهي ۽ اهو پڻ رپورٽ ٿيو آهي ته ڪجهه اهڙا ڊيلر به مارڪيٽ ۾ موجود آهن جيڪي غير رجسٽرڊ آهن جنهن کي ڀاڻ نه ڏيڻ کپي ڇو ته اهي ڀاڻ لڪائي ڇڏين ٿا ۽ ڪيترائي ڊيلر ذخيره اندوزي ڪن ٿا جنهن سان مارڪيٽ ۾ هٿرادو کوٽ پيدا ٿئي ٿي ۽ آبادگارن کي ڪيترين ئي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو جنهن سبب احتجاج روز جو معمول بڻيل آهن ۽ ٻڌڻ آيو آهي ته ڀاڻ جي غيرقانوني طور اسمگلنگ ٿئي پئي جنهن سبب ڀاڻ افغانستان ايڪسورٽ ڪيو ٿو وڃي جيڪو غير قانوني ۽ غيراخلاقي عمل آهي ته سنڌ جي آبادگارن کي ڀاڻ نه ٿو ڏنو وڃي ۽ هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي ٿي وڃي جيڪا سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪرڻ جي سازش آهي ته پنهنجي ملڪ جي ماڻھن کي تباهه ڪيو ٿووڃي

ڏٺو وڃي ته اسانجي ملڪ جي معيشت جو دارومدار زراعت تي آهي ۽ زراعت ملڪي معيشيت جو وڏي ۾ وڏو حصو آهي ۽ معيشيت ڪنهن به ملڪ ۽ خطي جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي ، ڪنهن به ملڪ جي ترقي جي خبر ملڪ جي معاشي حالت مان سڌ پوندي آهي ته هي ملڪ معاشي طور ڪيترو سگهارو آهي، ڪنهن به ملڪ جي ايڪسپورٽ ڪاروبار مان خبر پوندي آهي ته ملڪ جي اندر پراڊڪشن ڪيتري آهي ۽ جيڪي شيون ملڪ جي ماڻھن جي ضرورت کان وڌيڪ هونديون آهن ته اسين ملڪ جي ڪاروبار بين الاقوامي ليول تي کڻي ويندا آهيون ۽ شين جي مٽا سٽا ڪندا آهيون ۽ ڪجهه اهڙيون شيون به هونديون آهن جيڪي اسانجي ملڪ ۾ گهٽ مقدار ۾ ٺھنديون آهن يا کوٽ ھوندي آهي يا ته اها پراڊڪٽ اسانجي ملڪ ۾ نه هوندي آهي جيڪا اسين ڪنهن پاڙيسري ملڪ يا ڪنهن به ٻئي ملڪ کان گهرائيندا آهيون ڇو ته اها شيءِ اسان وٽ اڻ لڀ هوندي آهي يا ته مورڳوهوندي ئي ناهي.

ڪنهن به ملڪ جي معيشيت جي توازن جي خبر انهيءَ مان پوندي آهي ته جنهن ملڪ جي امپورٽ کان ايڪسپورٽ وڌيڪ هوندي آهي ته اهو ملڪ معيشيت ۾ سگهارو هوندو آھي ۽ انهي مان اندازو ٿيندو آهي ته ملڪ معاشي طور ڪيترو مضبوط ھوندو آهي، ڪاروبار ڪنهن به ملڪ جي معيشيت ۾ اهم ڪردار هوندو آهي ۽ ڪاروبار لاءِ سرمائيدار طبقي جي سيڙپ يعني پئسي جي انويسٽمينٽ تمام ضروري آهي جيئن انسان کي صحتمند زندگي گذارڻ لاءِ بلڊ جي ضرورت هوندي آهي ڇو ته بلڊ جي کوٽ هوندي ته انسان ڪيترين ئي بيمارين کي منهن ڏيندو ۽ ڪمزوري سبب هلي نه سگهندو ته اهڙي طرح ڪاروبار لاءِ پئسو به ضروري آهي جنهن کانسواءِ ڪاروبار نه هلي سگهندو ۽ معيشيت جو هلندڙ ڦيٿو جام ٿي ويندو جڏهن ملڪ جون ڪاروباري سرگرميون رڪجي وينديون آهن ته ملڪ جي معيشت به گوڏن ڀر ويهجي ويندي آهي ،امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ ملڪن جي ڪاروبار ۽ معيشت کي ترقي وٺرائڻ لاءِ اهم هوندي آهي پر اسان کي ايئن نه ڪرڻ کپي ته جيڪا شيء اسانجي علائقن ۾ پيدا ٿئي ۽ اتان جا مقامي ماڻھو کوٽ سبب پريشان هجن ۽ اسان پنهنجي ملڪي معيشيت ۽ زراعت کي تباهه ڪري ۽ ٻاهرين ملڪن کي ايڪسپورٽ ڪيون ته اهڙي ايڪسپورٽ ۽ هٿرادو کوٽ پيدا ڪرڻ جي ملڪ جو ڪو به معاشي ماهر نه صلاح ڏيندو ۽ نه اهڙي ڪا تجويز ڏيندو ڇو ته ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ سان آبادگارن ۽ غريب هارين کي معاشي بدحالي جو منهن ڏسڻو پوي ٿو جنهن سبب انهن جو معاشي گذران تنگ ٿي پوي ٿو ڇو ته اسانجي آبادي جو وڏو حصو زراعت سان واڳيل آهي ۽ زراعت ملڪ جي پيداور ۽ آمدني ۾ تمام گهڻي حيثيت رکي ٿي ۽ ملڪ ۾ ڪڏهن ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي ٿي وڃي ته ڪڏهن وري پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وڃي ٿي جنهن سبب سنڌ جون زرخيز زمينون آبادي کان رهجي وڃن ٿيون ۽ پاڻي جي ورڇ به منصفاڻي نه ٿي ٿئي ۽ ايريگيشن کاتو به من پسند ماڻھن کي پئسن عيوض پاڻي ڏئي ٿو ۽ ڪٿي سنڌ جي اندر بااثر ماڻھو پنهنجين زمينن کي سيراب ڪن ٿا ۽ پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي نه ٿو ملي سگهي جتي ڀوتارن جا واٺا پنهنجي داداگيري ۽ سياسي ڀوتارن جي آشيرواد سان هارين ۽ ننڍن زميندارن کي پاڻي نه ٿو ملي سگهي جنهن ڪري ڪيتريون ئي زمينون غيرآباد رهجي وڃن ٿيون جيڪو ڏاڍ ۽ ھارين جي حقن تي ڌاڙو آهي ته ايريگيشن کاتو بااثرن جي ونگار وهندي انهن جي ڪمداري ڪرڻ ۾ پورو آهي جنهن سبب ڪيتريون ئي آباد زمينون غيرآباد ٿين ٿيون ۽ سنڌ صوبي سان هونئن به ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ٿو وڃي ته پنجاب هميشه وڏي ڀاءُ جي حيثيت رکي ٿو پر وڏو ڀاءُ ننڍي ڀاءُ سان ظلم ڪري ٿو ۽ ان کي پنهنجي حصي کان به گهٽ پاڻي ڏئي ٿو جنهن سبب سنڌ سان حق تلفي ٿئي ٿي ڇو ته سنڌ اهو واحد صوبو آهي جيڪو معدني وسيلن،تيل ۽ گئس سان مالا مال آهي ۽ سنڌ هڪ زرعي ملڪ آهي جتان جي آمدني باقي صوبن کان به ٽيڻي  آهي ۽ سنڌ صوبي جي وسيلن ۽ آمدني تي ٻين صوبن جو راتاهو آهي ۽ ڇو ته آئيني طور هڪ اصول آهي ته جنهن ملڪ ۽ خطي مان تيل ،گئس ،ڪوئلو ۽ ٻيون ناياب معدني شيون دريافت ٿين ٿيون ته پهريون حق اتان جي ماڻھن جو حق آهي ته ان آمدني جو حصو اتان جي علائقن تي خرچ ڪيو وڃي ۽ اتان جي مقامي ماڻھن کي روزگار ڏنو وڃي پر افسوس ته جتان تيل ۽ گئس نڪري ٿو ته اتي ڪمپنين ۾ غيرسنڌي ۽ ٻاهرين ماڻھن کي روزگار ڏنو ٿو وڃي. جڏهن ته پنهنجي علائقن جي ماڻھن مان به انهن کي روزگار ڏنو ٿو وڃي ته جيڪي وڏيرن جا واٺا هجن ۽ انهن کي به پٽيوالي ۽ چوڪيداري ڏني ٿي وڃي ۽ انهن علائقن جي حالت اڃان به بدتر آهي ۽ بنيادي سهولتن جو وڏو فقدان آهي ، جن علائقن مان اهڙا قدرتي وسيلا ۽ ناياب شيون نڪرن ٿيون ته ان آمدني جو ڪجهه حصو علائقي جي ترقي تي خرچ ڪرڻ گهرجي ۽ اتان جي ماڻھن کي روزگار ڏنو وڃي پر ايئن نه ٿو ڪيو وڃي

سنڌ ۾ جيڪا ڀاڻ جي کوٽ پيدا ٿي آهي انهيءَ لاءِ حيدرآباد ۾ ايوان زراعت ۾ سنڌ جي مختلف شهرن مان آيل آبادگارن جو اجلاس پڻ ٿي گذريو جنهن ۾ خدشو ظاهر ڪيو ويو ته حڪومت ۽ ڀاڻ ڪمپنيون انهيءَ هٿرادو کوٽ جو نوٽيس وٺن ۽ ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ڪمشنرن کي انهي هٿرادو کوٽ ۽ ذخيره اندوزي ڪندڙن ڊيلرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي ۽ سرڪاري ريٽ تي عمل ڪرائڻ گهرجي ٻئي صورت ۾ ڪڻڪ جو بحران پيدا ٿي ويندو ۽ پنهنجي ملڪ ۾ اناج جي کوٽ ٿيندي جنهن سان ملڪ جا ماڻھو اناج جي کوٽ کي منهن ڏيندا ۽ فصل نه ٿيڻ تي سنڌ جا غريب هاري غربت ۾ زندگي گذاريندا ۽ جيڪڏهن ڪنهن ماڻھو کي پيٽ جي باهه اجهائڻ لاءِ ڳڀو نه هوندو ۽ معاشي بدحالي ۽ تنگدستي ۾ چوريون ۽ ڦريون ڪندا ۽ گهرن ۾ گهڙي ڌاڙا هڻندا ۽ سنڌ جي  امن امان جي صورتحال اڃان بدتر ٿي ويندي جنهن کي منهن ڏيڻ مشڪل بڻجي ويندو، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ڀاڻ جون ٽرڪون به ڦر ٿيون آهن جنهن ۾ آبادگار اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ جوڪو به آبادگار اهڙي ڦرمار ۾ شامل ناهي ۽ اهي ڦورو ۽ بدمعاش آهن جنهن جي خلاف ڪاروائي ٿيڻ گهرجي ،ڪميشن مافيا جي خلاف به ايڪشن وٺڻ گهرجي ته جيڪي ڀاڻ ڪميشن ۽ بليڪ تي وڪرو ڪن ٿا جنهن سان آبادگارن ۽ ننڍن زميندارن کي ڏکيائون درپيش آهن جڏهن ته وڏن زميندارن کي ته وري به ڳجهه ڳوهه ۾ ڀاڻ ملي ٿو وڃي پر غريب هاري ڀاڻ جي کوٽ سبب بليڪ تي ڀاڻ خريد ڪرڻ تي مجبور آهي جنهن سبب هاري لاءِ خرچ ڪٽڻ کانپوءِ سال جي گذران ڪرڻ جيترو اناج به نه ٿو بچي ۽ هاري معاشي بدحالي ۽ غربت جي چڪي پيسجندو رهي ٿو ۽ فصل کڻڻ کانپوءِ هاري بوڇڻ ڪلهي تي کڻي اداس ۽ هٿين خالي گهر وڃي ٿو ته اداسين ۾ گم ٿي وڃي ٿو ۽ هن لاءِ زندگي زهر ٿي وڃي ٿي ۽ هو  خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو ڇو ته هن وٽ نااميدي ۽ نراسائي کانسواءِ ٻيو ڪو به آپشن نه ٿو رهي! حڪومت کي گهرجي ته ملڪ مان ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ختم ڪئي وڃي ته جيئن هن ملڪ جا هاري معاشي طور مستحڪم ٿي سگهن ۽ ملڪ ۾ اناج جي کوٽ پيدا نه ٿئي،  غيرقانوني اسمگلنگ ٿيندڙ ڀاڻ کي روڪيو وڃي، ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ کي ختم ڪئي وڃي ۽ مناسب ريٽ تي ڀاڻ ڏئي ۽ ماڻھن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي!!

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.