پيارو لنڊ ۾ نوجوان اتحاد پاران ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ احتجاج

جهنڊومري ( ت ر)جهنڊومري تعلقي جي هيڊڪوارٽر شهر پيارو لنڊ ۾ نئين قائم ٿيل نوجوان اتحاد پيارو لنڊ طرفان چيف آرگنائزر رياض لنڊ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو جيڪو عطا محمد پيٽرول پمپ کان ٿيندو پريس ڪلب پهتو . جتي احتجاجي ميڙ کي مخاطب ٿيندي پي ٽي آء جي يونس لنڊ چيو ته زميندارن کي ڀاڻ سرڪاري ريٽ تي نه ملڻ جي ڪري پوکيل فصل تباه ٿي رهيا آهن . هن منهنگائي جي دور ۾ زميندارن کي يوريا ڀاڻ نه ملڻ ڪري انهن جا فصل بهتر اپت نه ڏيئي سگهندا جنهن سان زاميندار ۽ هارين کي شديد نقصان برداشت ڪرڻو پوندو. اسسٽنٽ ڪمشنر جهنڊومري کي اپيل ٿا ڪريون ته ڀاڻ کي بليڪ تي وڪرو ڪندڙ واپارين خلاف قانوني ڪايوائي ڪري سرڪاري ريٽ تي ڀاڻ غريب هارين ۽ ننڍن زميندارن کي مهيا ڪري ڏنو وڃي ۽ اسسٽنٽ ڊئريڪٽر ايگريڪلچر ايڪسٽينشن ٽنڊوالهيار کي اپيل آهي ته منافع خور واپارين پاران  يوريا ڀاڻ جي هٿرادو پيدا ڪيل کوٽ جو نوٽيس وٺي ۽ لڪايل يوريا ڀاڻ کي مارڪيٽ ۾ آندو وڃي. احتجاج دوران جاري رهندي جاري رهندي جنگ اسان جي جاري رهندي جا واشگاف نعرا لڳدا رهيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.