پ پ عوام جي طاقت سان اقتدار ماڻيو آهي : فريال ٽالپر

نوابشاھ( بيورو چيف) پ پ ليڊيز ونگ سنڌ جي صدر ايم پي اي فريال ٽالپر، اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پ پ جي ڊويزنل صدر ضياءُ الحسن لنجار ان گڏجي نوابشاھ پريس ڪلب جي نئين چونڊيل باڊي کي واڌايون پيش ڪرڻ لاءِ پريس ڪلب پھتي فريال ٽالپر صحافين سان پنھنجي ناظمي واري دور جون حسين يادون بيان ڪيون نوابشاھ جي صحافين جا سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرائڻ جو يقين صحافين جي اولاد کي نوڪريون صحافي ڪالوني ۽ صحافين جي غمي ۽ خوشي لاءِ اسپيشل گرانٽ ڏيارڻ جو يقين ڏياريو، فريال ٽالپر صحافين سان گفتگو ڪندي چيو تہ نوابشاھ منھنجو پنھنجو شھر آھي جتي منھنجي خاندادن جي وڏڙن جون خبرون آھن ھن شھر ھتان جي ادارن ۽ پريس ڪلب سان منھنجي تمام گھري ويجھڙائپ رھي آھي مان جڏھن ضلعي ناظمہ ھُيس ۽ سڄي سنڌ ۾ اڪيلي عورت ناظمہ طور ڪامياب ٿي ھُيس وقت جي آمر سان مقابلو ھُيو ان دور ۾ نوابشاھ جي صحافين ھتان جي عوام ھتان جي معززين مونکي بيحد مان ۽ حوصلو ڏنو اھو تعلق مان اڄ تائين قائم رکندي اچان پئي .ھن چيو تہ مون نوابشاھ جي عوام جي پنھنجو پگھر وھائي ڄڻ تہ پورھيت وانگر مزدوري ڪري خدمت ڪئي آھي پيپلزپارٽي عوام جي طاقت سان سنڌ حڪومت قائم ڪئي آھي ۽ تمام جلد بلاول ڀٽو زرداري وزير اعظم چونڊبو ۽ پيپلزپارٽي سڄي ملڪ مان سوڀاري ٿيندي ھن چيو تہ نوابشاھ جي صحافين جي مسئلن جو مونکي گھڻو حساس آھي انھن جا ٻچا جوان ٿي ويا آھن انھن کي ميرٽ تي سرڪاري نوڪريون، رھائش لاءِ ڪالوني ۽ صحافين جي غمي خوشي لاءِ اسپيشل گرانٽ ڏيارڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.