سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ عام ماڻهو

سماج ۾ جيڪو ڪجهه وهي واپري ٿو ان جو سمورو حال احوال سُڌ سماءُ جي ذريعن ۾ ظاهر ٿئي ٿو،زماني کان هڪ انسان جي ٻئي انسان ۾ دلچسپي رهندي آئي آهي، ان تجسس جو سبب پنهنجي ماحول کان، پنهنجي آسي پاسي کان  واقف رهڻ  جو خيال ئي آهي.انڪري چئبو ته انسان هڪٻئي جو آئينو ٿيندو آهي، هڪ ماڻهو ٻئي ۾ پنهنجي پاڻ کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.

سنڌ ۾ هن وقت جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، جنهن طرح سان  ماس ميڊيا  ۾ رپورٽون اچي رهيون آهن .اهو سماج جو هڪ چڱي چوکي اٿل پٿل جو عڪس آهي، جنهن ۾ اهو ئي ڪجهه نظر اچي رهيو آهي، جيڪو ڪجهه هتي ٿي رهيو آهي.

سنڌ ۾ هن وقت موسم جي بي رحمي سان گڏ بد امني به وڌي وئي آهي، ڪيترن ئي علائقن مان چورين، اغوا، قتل ۽سماج جي لاءِ ناسُور بڻيل قبائلي جهڙين جون خبرون اچي رهيون ، هن سياري جي سيءُ سان گڏ ماڻهون خوف ۾ ورتل آهن. عام ماڻهون جي راءِ ۾ سنڌ ۾  قانون جي ڪا حڪمراني نظر نه پئي اچي. ٿي سگهي ٿو ته اها راءِ مڪمل طور درست نه به هجي پر ان جي لاءِ ڪا اهڙي ڳالهه به ڏسڻ ۾ نٿي اچي جنهن جي بنياد تي اهو چئي سگهجي ته سنڌ ۾ قانون جي حڪمراني پنهنجي زور شور سان موجود آهي.  ان ڳالهه کي رد ڏيڻ جي لاءِ اهو ته چئي سگهجي ٿو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ پوليس ڪيترن ئي هنڌن تي ڏوهارين خلاف ڪارروايون ڪري رهي آهي، پر اها هڪ قبولڻ جهڙي حقيقت آهي ته مجموعي طور تي سنڌ ۾ بد امني جو راڄ آهي.

خيرپور ضلعي ۾ برادري جهيڙي سبب 6 ڄڻن حياتي وڃائي ڇڏي آهي. هي پراڻو تڪرار وري جو رتوڇاڻ ۾ بدلجي ويو آهي. جنهنڪري علائقي م خوف جو ماحول آهي، ڪنڌڪوٽ لڳ نوجوان جو اغوا ٿي ويو آهي،گهوٽڪي۽لاڙڪاڻي ۾ چورين جون وارداتون وڌي ويون آهن، انهن علائقن جو ذڪر حوالي طور آهي،جڏهن ته عام ماڻهو سنڌ جي سمورين علائقن ۾ اهڙيون شڪايتون ڪندي نظر اچي ٿو.

پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ مينگھو خروس ۾ گاھ جي معاملي تان گذريل 5 سالن کان هلندڙ خوني تڪرار ۾ ڇنڇر واري ڏينهن هزارو خروس ۽ منظور خروس جي ڌرين ۾ ٿيل فائرنگ دوران قتل ٿيل ٻن ڀائرن راجا خروس ۽ صيفل خروس جا لاش پوليس هٿ ڪري ورتا آھن. راجا خروس جو لاش پوليس سنڌو درياھ لڳ گهاٽي جھنگ مان هٿ ڪيو.، جڏهن ته خروس برادري جي ماڻهن مقتول صيفل پٽ فتح شير خروس جو لاش سنڌو درياھ مان ڪڍي پوليس کي اطلاع ڏنوبعد ۾ ڊي ايس پي ڪيٽي پاڳارو غلام سرور ڀيو پوليس نفري ساڻ ڪري ڄاڻايل هنڌ پھچي مقتولن جا لاش پيرجوڳوٺ اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيا.

هوڏانهن فائرنگ دوران قتل ٿيل نظر محمد پٽ فتح شير خروس، نبي داد عرف نبن پٽ حيران خروس، سراج خروس جا لاش پوليس يا مقامي ماڻھن کي هٿ اچي نه سگهيا آھن،.

ڇنڇر واري ڏينهن صبح جو به فائرنگ جو سلسلو جاري رھيو .جنهن سبب علائقي م ڏھڪاءَ پکڙيل آھي .سنڌ جي صورتحال کي ڏسندي اهو احساس ٿئي ٿو ته اسان هڪ اهڙي سماج ۾ رهون پيا جتي اڃان قانون کي لاڳو ٿيڻ ۾ زمانو لڳندو.اها حالت سمورن باشعور ماڻهن جي لاءِ پريشاني جو سبب آهي، جنهن مان جان ڇڏائڻ جي لاءِ گڏيل سوچ ويچار جون ڳالهيون ته جتي ڪٿي ٿين ٿيون پر ان جو ڪٿي به عملي پاسو ڏسڻ ۾ نٿو اچي.

عام ماڻهو قانون هٿ ۾ ڇو ٿو کڻي يا اهو ڏوهه واري پاسي ڇو اچي ٿو،؟  ان جي ٻين ڪيترن سببن ۾ هڪ اهم سبب اهو به آهي ته ماڻهن جو قانون تي گهڻو اعتبار نٿو رهي، يا وري جڏهن ڪيترن ئي مسئلن جو نبيرو سرڪاري پٺڀرائي سان قبائلي سردارن جي پنچائت سان ڪيو وڃي ٿو ته شهري اهو سمجهي ٿو يا هن جي لاشعور ۾ اهو خيال پڪو ٿئي ٿو ته حڪومت جي قانون کان قبائلي سردار وڌيڪ بااثر آهي جنهنڪري اهڙي سماجي ڍانچي کي وڌيڪ هٿي ملي ٿي. جنهن جو سماجي سطح تي نقصان اهو ٿئي ٿو ته ماڻهون جو قانون جي حڪمراني تي اعتبار نٿو رهي،

جي ڳالهه ڪبي عدليه جي ته اهو افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته ملڪ ۾ جنهن طرح سان عدليه ۾ متاثرن جي ڪيسن جي اڪلاءُ جي رفتار آهي ان سان ماڻهن کي اطمينان نٿو ملي. ڇاڪاڻ جو انصاف۾ دير  خود نا انصافي جي هڪ صورت آهي. انڪر ي جيستائين عدليه جي سرشتي کي وسيع ڪري ان جي سسٽم کي تيز نه ڪيو ويندو، تيستائين ڪيترا ئي ڪيس جيسين نبرجن تيسين متاثر ڌر جا ماڻهون هن دنيا مان ئي گذاري ٿا وڃن.

عام ماڻهوءَ جو سرڪار جي سول قانون تي ان ڪري به اعتبار نٿو رهي جو ان مان عام ماڻهو کي ڪو گهڻو فائدو نٿو ملي. هاڻي ان جي لاءِ ڪيترا به سبب ڏنا وڃن پر ان سان عوام جي اعتماد کي  بحال نٿو ڪري سگهجي.

سڌريل ۽ مهذب سماج  ۾ پارليامينٽ عوام جي مفاد وٽان قانون جوڙيندي آهي، عدليه ان جي تشريح عوام کي لاڀ ڏيڻ جي مقصد سان ڪندي آهي، انهن تي عمل جي لاءِ سرڪار وٽ هڪ متحرڪ ۽ ُچست انتظاميه هوندي آهي، جنهن سان ماڻهن کي پنهنجن حقن جي تحفظ جو احساس ٿيندو آهي، ان سان ئي ماڻهون پنهنجو پان کي ان سماج جو ڪارائتو فرد سمجهندا آهن.

جن سماجن جي اهڙي جوڙجڪ هوندي آهي اتي ئي قيادت پيدا ٿيندي آهي، اتي ئي ترقي ٿيندي آهي، اتي ئي فرد  پنهنجو پان کي ذميوار ۽ جوابده سمجهندا آهن، هتي ته ڪڏهن به ڪا به سرڪار پاڻ کي عوام آڏو جوابده ئي محسوس نه ڪندي آهي.

هن هيڏي وڏي بگاڙ کي سنڀالڻ جي لاءِ هر فرد ئي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو،پر بدقسمتي سان هتي ڪو به ان طرف ڌيان ڏيڻ جي لاءِ تيار نه آهي، ڇاڪاڻ جو هن افراتفري، نفسانفسي،بک،بدحالي،غربت ۽ اڻڳڻين مسئلن ۾ ڦاٿل ماڻهن جو ڪو به ڀرجهلو ٿيڻ لاءِ تيار ئي نه آهي.

سرڪار کي هنن حقيقي مسئلن ڏانهن سنجيده ڌيان ڏيڻ ۽ عوام جي ڏکن جي تدارڪ جي لا عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، باقي سکڻين ڳالهين تي اعتبار وارو دور ئي نه رهيو آهي.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.