پيرڳوٺ: خروس برادري جي ٻن ڄڻن جا لاش نه ملي سگهيا، پوليس آپريشن، جوابدار هٿ نه آيا

پيرجوڳوٺ (رپورٽ: علي گل جوڻيجو) پيرجوڳوٺ لڳ قتل ٿيل خروس برادري جي وڌيڪ ٻن ڄڻن جا لاش هٿ اچي نه سگهيا، وارثن پاران احتجاجي مظاھرو، لاش رکي ڌرڻو، ڪيس داخل نه ٿيو، خبرموجب، پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ مينگھو خروس ۾ هزارو خروس ۽ منظور خروس وارين ڌرين ۾ قتل ٿيل وڌيڪ ٻن ڄڻن نظرمحمد ۽ سراج احمد خروس جا لاش پوليس ۽ وارثن کي سنڌو درياھ مان هٿ اچي نه سگهيا آھن، جنهن سبب مقتولن جي وارثن ۾ روڄ راڙو متل آھي ڪالھ مقتول ٻن ڀائرن صيفل ۽ راجا خروس جا لاش خروس برادري جي ماڻهن سکر پيرجوڳوٺ روڊ تي ڪوٽ پل وٽ رکي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪري احتجاجي ڌرڻو هنيو، مظاھري جي اڳواڻي ڪندڙ هزارو خروس ۽ ٻيا ڪري رھيا آھن، مظاھرين ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته منظور خروس واري ڌر جي ماڻهن اسان جي زمين تي ويل نوجوانن تي حملو ڪري ڇتي فائرنگ ڪرڻ بعد 4 ڄڻن کي قتل ڪري سندن لاش درياھ ۾ ڦٽو ڪري انسانيت جي تذليل ڪئي آھي جن مان سراج احمد ۽ نظر محمد خروس جا لاش جھنگ ۽ سنڌو درياھ مان هٿ نه آيا آھن، هوڏانهن هزارو خروس واري ڌر جي مقتولن ۽ منظور خروس واري ڌر جي مقتول هڪ ڄڻي جو فيض محمد ٻنڊو پوليس 3 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪيس داخل نه ڪيو آھي،هوڏانهن خروس ۾ قتل ٿيل هزارو خروس واري ڌر جي 4 ماڻهن واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪالھ ڊي ايس پي پيرجوڳوٺ مقصود احمد آگاڻي ۽ ڊي ايس پي ڪيٽي پاڳارو غلام سرور ڀيو جي اڳواڻي ۾ اسپيشل ڪمانڊوز، پوليس اهلڪارن ۽ بڪتربند گاڏي توڙي اي پي سي چين گاڏين جي مدد سان فيض محمد ٻنڊو واري علائقي راکا لانڍيون، کاٽو پتڻ، ڳوٺ مينگھو خروس ۽ سنڌو درياھ جي ساڄي ڪپ تي آپريشن ڪري ڏوھارين جي ٺڪاڻن کي باھيون پڻ ڏنيون پر پوليس کي مقتولن واري واقعي ۾ ملوث ڪوبه جوابدار هٿ اچي نه سگهيون، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي ڪيٽي پاڳارو غلام سرور ڀيو ميڊيا کي ٻڌايو آھي ته جوابدار مال متاع ۽ ٻار ٻچا وٺي گهر خالي ڪري درياھ جي پرين طرف فرار ٿي ويا آھن جڏهن ته  منظور خروس واري ڌر جي قتل ٿيل علي شير پٽ علي حسن خروس واري ڌر جي محمد نواز خروس فون تي رابطو ڪري ٻڌايو آھي ته پوليس اسان جي گهرن ۾ گهڙي عورت عظيمان، جنت ۽ ممتاز خاتون خروس کي تشدد جو نشانو بڻائي گهرن مان سولر پليٽون، بيٽريون، ڇيلا، اناج ۽ قيمتي سامان کڻي گم ڪري ڇڏيو آھي، جڏهن ته پوليس تشدد ۾ زخمي ٿيل عورتن کي ڳاڙھي موري اسپتال علاج لاءِ موڪليو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.