رضاڪاراڻي عليحدگي اسڪيم، جعلي ڊگرين تي 4837 ملازم برطرف ڪيا ويا: پي آءِ اي ترجمان

اسلام آباد (م ڊ) پي آءِ اي افرادي قوت جي شرح بين الاقوامي تناسب جي برابر ٿي وئي آهي، رضاڪاراڻي علحدگي اسڪيم، جعلي ڊگرين ۽ قانون جي خلاف ورزي ڪندڙ ملازمن جي برطرفين ۽ سڌارن جي جاري عمل سان ڪاميابي ملي آهي. پي آءِ اي جي ترجمان عبدالله خان طرفان جاري بيان م ضرورت کان وڌيڪ ڀرتين لاءِ سڃاڻپ رکندڙ پي آءِ اي جي افرادي قوت ۾ واضح گهٽتائي اچي وئي آهي. 2017 ۾ پي آءِ اي جي في جهاز ملازمن جو انگ 550 جيڪو گهٽ ٿي 260  رهجي ويو آهي. ترجمان چيو ته دنيا جي بهترين ايئر لائين پنهنجي افرادي قوت جي شرح کي 200 کان 250 جي وچ ۾ رکي ٿي ترجمان چيو ته 1900 ملازمن رضاڪاراڻي علحدگي اسڪيم مان فائدو حاصل ڪيو. موجوده انتظاميه 10 هزار گهوسٽ ملازم برطرف ڪيا جڏهن ته 837 ڪوڙين ڊگرين سبب برطرف ٿيا. 1100 ملازم قائدن جي خلاف ورزين ۽ ڪرپشن سبب نوڪري تان هٿ ڌوئي ويٺا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.