مري سانحي جي ذميوار انتظاميا آهي: ايم ڪيو ايم

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) ايم ڪيو ايم جي قومي اسيمبلي ميمبر صلاح الدين چيو آهي ته سياحت جي فروغ سان گڏوگڏ سياحتي جاين تي حفاظتي قدمن کي يقيني بڻائڻ گهرجي. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ مريءَ سانحي تي بحث ۾ حصو وٺندي هن چيو ته مريءَ سانحي تي پورو پاڪستان سوڳوار آهي ۽ هر ڪنهن جي اک روئڻهارڪي آهي. هن چيو ته سڀ کان وڏي ذميواري مريءَ جي تعلقي انتظاميا تي لاڳو ٿئي ٿي. اين ڊي ايم اي ۽ هاءِ ويز ڊويزن تي پڻ ان جي ذميواري آهي.

  • ڌيءُ جو قاتل جوابدار جيل حوالي

ڪراچي (رپورٽر)مقامي عدالت ۾ گلستان جوهر ۾ پنهنجي ڌيءُ کي قتل ڪندڙن گرفتار پيءُ جوابدار زين العابدين کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو . عدالت جوابدار کي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جوابدار 17نومبر 2021ع تي فائرنگ ڪري پنهنجي نياڻيءُ کي قتل ڪيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.