ناظم ڪيس ۾شيرين به ڌر ، ڄام اويس کي هٿ ڪڙي نه لڳي ته پوليس خلاف ڪارروائي ٿيندي: عدالت

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس جي ملير جي عدالت ۾ ٻڌڻي، ڪيس ۾ گرفتار جوابدار ايم پي اي ڄام اويس گهرام جوکيو سميت ڇهن جوابدارن کي ملير جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ايم پي اي ڄام اويس گهرام جوکيو کي هٿڪڙين کان سواءِ پيش ڪرڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٽن ڏينهن اندر چالان مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. شيرين جوکيو به ڌر ٿيڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي.  شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس جي ملير جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي گذري، ڪيس ۾ گرفتار جوابدار ايم پي اي ڄام اويس گهرام جوکيو، عبدالرزاق سالار، معراج، مهر علي، حيدر علي سميت ڇهن ئي جوابدارن کي سخت پهري ۾ بڪتربند گاڏي ۾ عدالت پيش ڪيو ويو، مک جوابدار ايم پي اي ڄام اويس گهرام کي بنا هٿڪڙين جي پيش ڪرڻ تي عدالت پوليس کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدار کي  بنا هٿڪڙين سان پيش ڪيو ويو ته پوليس خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. فريادي افضل جوکيو جي وڪيل عدالت کي درخواست ڏني ته هن ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا وڃن. جنهن تي عدالت درخواست کي ايندڙ ٻڌڻي ۾ شامل ڪري ڇڏيو.  عدالت جاچ آفيسر جي درخواست قبول ڪندي حتمي چالان 13 جنوري تي پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. عدالت جاچ آفيسر کي سختي سان هدايت جاري ڪندي چيو ته 13 جنوري تي حتمي چالان پيش نه ڪيو ويو ته عدالت ۾ پهريان کان موجود عبوري چالان پيل آهي ان تحت عدالت ڪيس کي هلائيندي. شهيد ناظم جوکيو جي ڪيس جي ٻڌڻي تي سندس گهرواري شيرين جوکيو ڪيس ۾ ڌر ٿيڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي.  سنڌ ليگل ايڊ فورم جي وڪيل محمد خان شيخ ايڊووڪيٽ اسدالله راشدي، وڪيل اياز چانڊيو  سميت پنجاهه کان وڌيڪ وڪيلن وڪالت نامي تي صحيحون ڪري ڇڏيون. عدالت شيرين جوکيو جي درخواست 13 جنوري تي ٿيندڙ ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي آهي. شهيد ناظم جوکيو جي قتل ۾ ملوث جوابدار ايم پي اي ڄام اويس گهرام جي عدالت ۾ پهچڻ تي سول سوسائٽي پاران سرداري نظام خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي شيرين جوکيو  عدالت ۾ موجود ڄام اويس گهرام جي حامين وٽ هلي وڃي مخاطب ٿيندي چيو ته ڇا مان جوکيو برادري جي نياڻي ناهيان مونسان توهان گڏ ڇو ناهيو اوهان مونسان گڏ بيهو ڇوته مونسان ظلم ٿيو آهي ڇا اوهان سان اهڙو ظلم ٿئي ها ته اوهان خاموش ويهو ها.  مقتول ناظم جوکيو جي گهرواري شيرين جوکيو ملير جي عدالت ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجو گهر اجاڙيو ويو آهي مان ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي مڙس جو قتل معاف نه ڪندس، جوابدارن کي سزا ڏيارڻ لاءِ آئون پاڻ عدالت ۾ پيش ٿي قتل ڪيس ۾ فريادي ٿي آهيان، آئون سول سوسائٽي، وڪيل ڀائرن ۽ سنڌ جي شعور جي شڪر گذار آهيان جن منهنجي حوصلا افزائي ڪندي ڀرپور مدد ڪئي آهي، مان ڪڏهن به پنهنجي مڙس جي قتل جو سودو نه ڪندس نه ئي مونکي پئسن جي ضرورت آهي، آئون انصاف جي خاطر ٻاهر نڪتي آهيان، جڏهن ته هلندڙ ڏينهن منهنجي عدت جا آهن، هن روئيندي چيو ته منهنجا معصوم ٻارڙا مونکان پڇن ٿا ته بابا ڪٿي آهي، مان کين ڪوبه جواب ڏئي نه ٿي سگهان ۽ منهنجي اکين مان صرف لڙڪ وهي پون ٿا، هن چيو ته قتل ڪيس جا جوابدار ايم اين اي ڄام عبدالڪريم، نياز سالار سميت مفرور جوابدار پاڻ کي بي ڏوهي سمجهن ٿا ته عدالت آڏو پيش ڇو نٿا ٿين. شهيد ناظم جوکيو جي امڙ جميلا جوکيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مونسان ظلم ٿيو آهي، منهنجي نوجوان پٽ کي ظالمن بيدردي سان قتل ڪيو آهي مان پنهنجي پٽ جي انصاف لاءِ عدالت ۾ آئي آهيان، سڄي سنڌ مونسان گڏ آهي مان ڪنهن کان به نٿي ڊڄان نه ئي مونکي ڪو خوف آهي مان پنهنجي شهيد پٽ جي قتل جو پلاند عدالتن کان انصاف ذريعي وٺڻ چاهيان ٿي، مان وزيراعظم عمران خان، چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري، وزير اعليٰ سنڌ کي اپيل ٿي ڪريان منهنجي انصاف لاءِ مدد ڪئي وڃي. سنڌ ليگل ايڊ فورم ڪميٽي جي وڪيل اڳواڻن محمد خان شيخ، اسدالله راشدي، اياز چانڊيو ۽ ٻين ٻڌڻي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سنڌ جي بهادر نياڻي ۽ ڀيڻ شيرين جوکيو جي مسلسل جدوجهد ۽ عدالت ۾ اچڻ ڪري هڪ دفعو ٻيهر مقتول ناظم جوکيو جي ڪيس وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.   03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.