ڏهرڪي ٽيڪنيڪل ڪاليج انتظاميا احتجاج ڪرڻ جي ڏوهه ۾ 6 استاد برطرف ڪري ڇڏيا

ڏهرڪي/حيدرآباد(رپورٽ اسد لغاري+رپورٽر) ڏهرڪي ۾ صنعتي ادارن جي تعاون سان هلندڙ ٽيڪنيڪل ڪاليج جيڪو سوا ٻن مهينن کان بند پيل هيو ڪاليج انتظامياسيڪورٽي خدشن جو جواز ڄاڻائي ڪاليج کي بند ڪري ڇڏيو هيو،ڪاليج جي بند ٿيڻ خلاف استاد توڙي شاگرد مسلسل سراپا احتجاج هئا ڪجهه ڏينهن اڳ استادن ۽ شاگردن پاران ڊي سي گهوٽڪي جي آڏو ڌرڻو هنيو جنهن بعد ڊي سي خاطري ڪرائي ته سومر ڏينهن 10 جنوري تي ڪاليج کوليو ويندو،گذريل ڏينهن ڪاليج جا گيٽ ته کوليا پر ڪاليج کلڻ کان اڳ ۾ احتجاج ڪندڙ 6 استادن علي نواز سميجو ،عباس سومرو ،تتهير ملڪ،آفتاب ڀٽو ،عزير دايو ۽ احمد رحماني ڪاليج انتظاميه نوڪرين تان برطرف ڪري برطرفي وارا ليٽر سوشل ميڊيا تي وئرل ڪري ڇڏيا،گذريل ڏينهن ڪاليج پهتل استادن کي گيٽ تي روڪيو ويو ته اوهان کي نوڪرين تان برطرف ڪيو ويو آھي ،ان سلسلي ۾ برطرف ٿيل استادن چيو ته اسان کي صرف ان ڏوهه ۾ برطرف ڪيو ويو آھي ته اسان مقامي شاگردن لاءِ مسلسل احتجاج ڪيو ته بند پيل ڪاليج کوليو وڃي اسان کي صرف ان ڏوهه جي سزا ملي رهي آھي هنن چيو ته اسان کي برطرف ڪري پنجاب مان استاد گهرائي انهن کي ڀرتي ڪيو پيو وڃي ،هوڏانهن ڊي سي جي خاطري تي ڪاليج کي ته کوليو ويو پر استاد نه هجڻ ڪري ڪلاسز نه هليا،هوڏانهن سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر پرديپ گلاب، سنجي ڪمار، اياز صالح پليجو ۽ حميد انقلابي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ڏهرڪي ڪاليج اندر سهولتن جي کوٽ خلاف استادن ۽ شاگردن طرفان احتجاج ڪرڻ تي استادن کي برطرف ڪرڻ واري انتظاميا جي ڪڌي عمل جي سخت مذمت ڪيون ٿا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.