اومي ڪرون جي لهر ڪيترو هلندي؟ ماهرن وڏي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

 

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ماهرن اميد ظاهر ڪئي آهي ته ڪورونا وائرس جي اومي ڪرون ويرينٽ سان پيدا ٿيندڙ نئين وبائي لهر جلد ئي ختم ٿي ويندي.

اها ڳالهه هنن ڏکڻ آفريقا ۽ برطانيا جي انگن اکرن جي بنياد تي چئي آهي، جتي اومي ڪرون سان متاثر ماڻهن جي انگ ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿي هئي پر تازو اتي ان قسم جي متاثرن جي انگ ۾ وڏي گهٽتائي ٿي آهي.

ميري لينڊ، ميساچيوسٽس جي جان هاپڪنز اسڪول آف ميڊيسن ۾ وبائي مرضن جي پروفيسر ڊاڪٽر رابرٽ بولگر انهن انگن اکرن جي روشني ۾ اڳڪٿي ڪئي ته آمريڪا جي اتر رياستن ۾ ايندڙ ڪجهه هفتن دوران اومي ڪرون ويرينٽ سبب نئين لهر پنهنجي عروج تي پهچندي پر تمام تيزي سان ختم به ٿي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.