ڇا بوسٽر ڊوز سان اومي ڪرون جو خطرو گهٽجي ويندو؟

 

عالمي وبا ڪورونا کان بچاءَ لاءِ ويڪسين جون ٻه خوراڪون لڳرائڻ لازمي آهي، ان سلسلي ۾ سڄي دنيا ۾ ويڪسينيشن جو عمل به جاري آهي.

پر آمريڪا ۾ ٿيندڙ هڪ طبي تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته ڪورونا وائرس جي نئين قسم اومي ڪرون خلاف مدافعتي قوت پيدا ڪرڻ لاءِ ويڪسين جو ٽيون ڊوز لازمي آهي، جنهن بنا بيماري کان بچڻ ڏکيو هوندو.

ريگن انسٽيٽيوٽ آف ايم جي ايڇ، ايم آءِ ٽي ۽ هارورڊ يونيورسٽي جي گڏيل تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته اومي ڪرون خلاف ماڻهن ۾ مدافعت پيدا ڪرڻ لاءِ موڊرنا يا فائزر ويڪسين جي واڌو خوراڪن جي ضرورت هوندي.

تحقيق ۾ اشارو ڏنو ويو ته ڪورونا خلاف ٻه خوراڪون اهڙيون اينٽي باڊيز نه ٿيون ٺاهين، جيڪي اومي ڪرون کي ناڪارا بڻائڻ لاءِ گهربل هونديون آهن.

تحقيق جي نتيجن سان ماهرن کي خبر پئي ته ويڪسين جون ٻه خوراڪون اومي ڪرون خلاف ايتريون اثرائتون ثابت نه ٿيون، جيتوڻيڪ اهڙن ماڻهن جا نمونا به ورتا ويا، جن کي تازو ويڪسينيشن ٿي هئي.

نتيجن موجب جن ماڻهن کي فائزر يا موڊرنا ويڪسين جون 3 خوراڪون ڏنيون ويون، انهن ۾ اومي ڪرون ناڪارا بڻائيندڙ اينٽي باڊيز جي سطح تمام گهڻي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.