”موجوده حڪومت ۾ سياحت کي هٿي ملي، عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ ترقي پيو ڪري“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته شريف فيملي پنهنجي ذاتي محلن تي پئسو خرچ ڪيو، جيڪڏهن وسيلا مري تي خرچ ٿين ها ۽ شريف فيملي محل نه ٺاهي ها ته اڄ هي ڏينهن نه ڏسڻو پئي ها.

قومي اسيمبلي ۾ شهباز شريف جي تقرير تي ردعمل ڏيندي فواد چوڌري چيو ته تحريڪ انصاف کانسواءِ ڪنهن سياسي جماعت مري سانحي تي رليف ۾ حصو نه وڌو، شاهد خاقان عباسي سميت ن ليگ ۽ ٻين جماعتن جا اسيمبلي ميمبر گم رهيا، جڏهن ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت، پاڪ فوج، ضلعي انتظاميا ۽ ٻيا ادارا رليف آپريشن ۾ مصروف رهيا.

هن چيو ته 30-30 سال حڪومتون ڪندڙ اسان کان سوال ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن وسيلا مري تي خرچ ڪيا وڃن ها ته اڄ هي ڏينهن نه ڏسون ها، اپوزيشن سانحي تي سياست ڪري رهي آهي، انهن جا لڳايل ڪنڊا اسان هر وک تي ڪڍي رهيا آهيون، 70 سالن جا مسئلا اسان حل ڪري رهيا آهيون.

سندس چوڻ هو ته موجوده حڪومت ۾ سياحت کي هٿي ملي، جيڪا حقيقت آهي، اسان هاڻ نئون نظام آڻي رهيا آهيون، ماضي جو ٺاهيل نظام موجوده سياحت جي قابل ناهي، اسان نون تقاضن موجب نظام ٺاهي رهيا آهيون.

فواد چوڌري چيو ته هڪ لک 64 هزار گاڏيون مري ۾ داخل ٿيون هيون ۽ هڪ ئي ڏينهن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو مري پهتا، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ جي ترقي جو سفر جاري رهندو، اهي ماڻهو پٽي رهيا آهن ۽ اڳتي به پٽيندا رهندا، انهن جو انگ به گهٽ ٿي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.