مري سانحي وقت ڪيتري برفباري ٿي؟ موسميات کاتي طرفان تفصيل جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي مري سانحي جي وقت سياحتي هنڌ تي برفباري جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا.

موسميات کاتي موجب مري سانحي وقت برفباري ڏيڍ فٽ کان به گهٽ هئي ۽ مري ۾ 7 جنوري تي وڌ کان وڌ برفباري 17 انچ هئي.

ترجمان موجب مري ۾ 4 جنوري تي 6 انچ برفباري ٿي ۽ 5  جنوري تي 8.5 انچ هئي، برفباري گذريل ڪجهه سال معمول کان وڌيڪ هئي.

واضح رهي ته مري ۾ شديد برفباري ۽ سياحن جي رش سبب صورتحال تمام خراب ٿي وئي هئي ۽ 20 کان وڌيڪ ماڻهو گاڏين اندر ئي فوت ٿي ويا، جنهن بعد مري کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.