”عالمي برادري مسلمانن جي قتل عام جي ڌمڪي تي مودي سرڪار جي خاموشي جو نوٽيس وٺي“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان مطالبو ڪيو آهي ته عالمي برادري هڪ انتهاپسند هندو اڳواڻ طرفان 20 ڪروڙ مسلمانن جي قتل عام جي ڌمڪي تي مودي سرڪار جي خاموشي جو نوٽيس وٺي.

ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم مودي سرڪار ۾ مسلمانن سميت اقليتن تي وڌندڙ ظلمن ۽ قتل عام جي ڌمڪين تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي عالمي برادري کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.

هن چيو ته گذريل مهيني هندوتوا شدت پسندن جي ميڙاڪي ۾ ڀارت ۾ هڪ مقرر 20 ڪروڙ مسلمانن جي قتل عام تي اڪسايو ۽ ڌمڪيون ڏنيون، جنهن تي اڃا تائين مودي طرفان مجرماڻي خاموشي اختيار ڪيل آهي.

سندس چوڻ هو ته مودي سرڪار جي اها خاموشي ان سوال کي جنم ڏئي ٿي ته بي جي پي جي حڪومت قتل عام جي ڌمڪين جي حمايت ڪري ٿي، وقت جو تقاضو آهي ته عالمي برادري نوٽيس وٺي ۽ ڪارروائي ڪري.

وزيراعظم خبردار ڪيو ته مودي سرڪار جا اهي شدت پسند عزم اسان جي علاقائي امن لاءِ حقيقي خطرو آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.