دادو ۾پوليس هيڊڪواٽر سامهون دڪان مان 50 لکن جي چوري، احتجاج

دادو (رپورٽ: عزيزاحمد ملڪ) دادو شهر ڏوهارين حوالي پوليس اگهور ننڍ ستل، بدامني تي ضابطو نه اچي سگهيو، پوليس هيڊڪواٽر جي سامهون موٽر سائيڪلن جي اسپيئر پارٽس جي دوڪان مان 50 لک روپين جو سامان ۽ نقد رقم چور چوري ڪري ويا، دڪاندار ايسوسيئشن جي اڳواڻن شمن ملاح، شوڪت منگي، عبداستار ملاح ۽ ٻين دادو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيو ته رات دير سان نامعلوم چور پوليس هيڊڪواٽر جي سامهون دوڪان جي ڇت مان لهي لکين روپين جو سامان  چوري ڪيو آهي، چور ڊاٽسن يا لوڊر رڪشا ۾ سامان کنيو هوندو گهٽ ۾ گهٽ 2 کان ٽي ڪلاڪ سامان کڻڻ ۾ لڳا هوندا پوليس هيڊڪواٽر ۾ سامهون اهلڪار ويٺا آهن ان باوجود چور باآساني سان چوري ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن، هنن وڌيڪ چيو ته شهري روزاني ڦرجي لٽجي رهيا آهن سڄو شهر چورن حوالي آهي ڪوبه شهري محفوظ ناهي، چورن خلاف بي سيڪشن ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائڻ باوجود پوليس چورن خلاف ڪابه ڪاروائي ناهي ڪري سگهي، جڏهن کان ايس ايس پي دادو اعجاز احمد شيخ مقرر ٿيو آهي ان دوران 10 مهينن اندر سڄو ضلعو بدامني جي باھ ۾ ڀڙڪي رهيو آهي، شهر اندر هزارن جي تعداد ۾ موٽر سائيڪلون چوري ۽ ڦر ٿيون آهن ۽ سوين شهرين جي دوڪانن ۽ گهرن مان چوريون ۽ ڌاڙا لڳا آهن پر دادو پوليس پاران شهر ۾ امن امان ڪرائڻ لاء ڪي به اپاءۡ ناهن ورتا ويا، شهرين چتاءُ ڏيندي چيو ته چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي چورن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ايس ايس پي دادو خلاف احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.