لاکاٽ لڳ قبر ڪشائي، نوجوان جو لاش گم هئڻ جي تصديق

ٽنڊو محمد خان (ڊ ر) لاکاٽ ڀرسان ٻه مهينا اڳ بيدردي سان قتل ٿي ويل محمد بخش ڍول جو لاش قبر مان گم ڪرڻ واري واقعي بابت عدالتي حڪم تي قبر ڪشائي ڪئي وئي، قبرڪشائي دوران ڳوڻاڻي جو  لاش غائب هو.ان موقعي تي ايس ايڇ او اشفاق جهيجو صحافين کي ٻڌايو ته عدالتي حڪم تي قبر ڪشائي ڪرائي، لاش قبر مان غائب هو، لاش غائب هئڻ بابت  رپورٽ ايڊيشنل سيشن جج ٽو کي ڏني ويندي. هوڏانهن مقتول محمد بخش ڍول جي وارثن ممتاز ڍول، جمن ڍول ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته ٻه مهينا اڳ هنن جي نوجوان کي قتل ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻه جوابدار گرفتار آهن، باقي مک جوابدار اڃا تائين پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي.هنن الزام هنيو ته جوابدار ڌر نوجوان جو لاش قبر مان ڪڍي گم ڪيو آهي.هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته  نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.