باگو ڀٽو ۽ ڀرپاسي ۾ امن جو پکي اڏامي ويو، ڦرون روز جو معمول

باگو ڀٽو (رپورٽ: اجيت ڪمار ) گذريل ڏينھن باگو ڀٽو ڀرسان سميجا فلور مل ڀرسان ٻن ديوانن سنجي ڪمار ھاسواڻي ۽ اجي گل کان اڻجاتل ڦورو ھٿيار جي زور تي لکين روپيا  روڪ ۽ سونيون منڊيون ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا جنهن جو ڏھرڪي ٿاڻي تي نا معلوم چورن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو جڏهن ته ڏھرڪي پوليس چورن جو پيڇو ڪرڻ بدران ٺلھا دلاسا ڏيڻ لڳي ۽  ايگل گشت وارا به آرامي بڻيل آهن جيڪي رڳو شراب وٺي ويندڙن کي داٻا ڏيئي پيسا ڦرڻ ۾ پورا آهن جڏهن ته ھندو ينگ منارٽي ڏھرڪي پاران رابطو ڪرڻ تي ھنڌو واپارين سنجي ڪمار ۽ اجي گل ٻڌايو ته اسين ڪنھن ڪم سان سميجا فلور مل  ويا سين ۽ واپس موٽڻ مھل پھرين سان تاڙ ۾ بيٺل 3 ڦورئن جيڪي 125 موٽرسائيڪل تي سوار ھوا اسان کان ھٿيارن جي زور تي لکين روپيا روڪ رقم ۽ سونيون منڊريون ھٿيارن جي زور تي ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا جڏھن ته اسين باءِ پاس تي گشت ڪندي رھڙڪي چوڪي جي انچارج منظور احمد لانگاھه کي اطلاع ڏنو پر ASI منظور لانگاھه اسانجي مدد ڪرڻ بدران ٺٺوليون ھڻن سان گڏ اسان جو مذاق اڏائيندو رهيو جڏهن ته ھنڌو نوجوان واپارين سان ڏينهن ڏٺي جو ڦر ٿيڻ خلاف ھنڌو ينگ منارثي پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي آئي جي سنڌ،ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي گھوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته جلد نوٽيس وٺي رھڙڪي چوڪي انچارج منظور لانگاھه کي فوري ھٽايو وڃي ۽ اسان جي نوجوانن کي ڦر ٿيل روڪ رقم ۽ ٻيو سامان جلد واپس ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس اڳيان احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.