سياحت ۽ آفت،مري تي موت جا لامارا

تحرير : محمد حسين بلوچ 

پاڻ وٽ جڏھن موسم خوشگوار ٿيندي آھي يا برسات وسندي آھي ته پھرين مرحلي ۾ فطري طور ماڻھن ۾ خوشيءَ ڇائنجي ويندي آھي سياح موسم جو مزو وٺڻ لاءِ برف باريءَ وارن علائقن جو رخ ڪندا آھن، سردي ھجي يا گرميءَ مري ،ناران،ڪاغان ،گلگت ،اسڪردو ،تائوبٽ ،ڪيل اڻ ڪيل ،وادي نيلم ،شائوٽر، سيف الملوڪ سميت ٻين علائقن ۾ ميڙا مچندا آھن جن ۾ ڪجهھ علائقا اھڙا به آھن جتي جون جولاءِ جھڙي گرميءَ واري موسم ۾ برف ھوندي آھي،اتي سياري جي موسم ۾ بلڪل ناھي وڃبو ،ٿڌ جي مار سبب اتان جا رھواسي پڻ انھن اوچن برفاني علائقن مان ھيٺ لھي ايندا آهن،

ھن وقت خبرون آھن ته ڪوھ مري ۾ برف گذريل ڏھ سالن جو ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آھي،موسميات کاتي مطابق مري ۾ 24 ڪلاڪن اندر 17 انچن تائين برف پئي آھي ۽ 3 جنوري کان ھن وقت تائين 6 ڏينھن جي اندر 32 انچ برف باري،جڏھن ته 94 ملي ميٽر برسات ريڪارڊ ڪئي وئي آھي،برف باريءَ رستا بند ھئڻ ڪري ساھ گھٽجڻ سبب 20 کان وڌيڪ سياح فوت ٿي ويا آهن، لکين سياحن جي زندگين کي بچائڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون ويون آهن، جڏھن ته ان حوالي سان حڪومت جو چوڻ آهي ته گاڏين اندر 19 سياح فوت ٿي ويا آھن،

جڏھن ته ميڊيا ذريعن موجب مري ۽ نٿياگلي جي وچ واري حصي ۾ ڦاٿل گاڏين ۾ به وڏي تعداد ۾ ماڻھو فوت ٿيا آھن، وفاقي گهرو وزير مطابق مري ڏانھن ويندڙ رستا بند ڪيا ويا آھن،پيادل مري ويندڙن کي روڪڻ جو به فيصلو ڪنداسين،صرف امداد کڻي ويندڙن کي مري ڏانھن وڃڻ جي اجازت ڏني پئي وڃي،

انتظاميا پوري رات ماڻھن کي محفوظ رکڻ جي ڪوشش ڪئي پر جيڪو الله کي منظور ھو اھو ٿيو، ڪمشنر راولپنڊي،ڊي سي اسلام آباد جي نگراني ھيٺ پوليس طرفان شروع ڪيل بچاءُ واري ڪاروائي کي سگھارو ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج جا پنج دستا به گھرايا ويا ، ھنگامي بنيادن تي ايف سي ۽ رينجرز کي به طلب ڪيو ويو آهي،شھر ۾ بجلي جي فراهمي بند آھي ،

رستن تي بدترين ٽريفڪ جام ھئڻ ڪري امدادي ڪاروائين ۾ سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن، ھن سانحي کان ھڪ  ڏينھن اڳ وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد پنھنجي ٽيوٽر بيان ۾ ڄاڻايو ھو ته برف باري جي ڪري ھن وقت مري ۽ گليات ۾ سياحن جي حد کان وڌيڪ رش آھي ۽ تقريبن ھڪ لک کان وڌيڪ گاڏيون اسلام آباد جي رستي کان مري ۽ گليات طرف وڃي چڪيون آھن،صورتحال خراب ٿيڻ بعد قائم ڪيل ڪنٽرول روم به تصديق ڪئي آهي ته شھر ۾ ھڪ لک کان وڌيڪ گاڏيون داخل ٿيون آھن،

ٻاھران اچي ڦاٿل ماڻھن ۾ ننڍا ننڍا ٻار به شامل آھن، ھاڻ ھتي سوال اھو به پيدا ٿي رھيو آھي ته جڏھن حڪومت کي اھا خبر ھئي ته ھڪ لک کان وڌيڪ گاڏيون ان علائقي ڏانھن وڃي چڪيون آھن ته موسم جي صورتحال کان آگاھ ھوندي به ڇو ان طرف ڌيان نه ڏنو ويو؟ جڏھن ته ڪجهھ ذريعا وڌيڪَ جاني نقصان ٿيڻ جو ٻڌائي رھيا آھن.

برف باريءَ ٿڌ ۽ رستا بند ھئڻ ڪري گاڏين ۾ بند سياح خوراڪ ۽ ڪمبل نه ھئڻ ڪري ساھ گھٽجڻ ڪري بيھوش به آھن ته ڪجھه جانيون وڃائي ويٺا آهن اڃان ھزارين گاڏيون ڦاٿل ٻڌايون پيون وڃن ته اتي صورتحال ڪھڙي ھوندي،؟ سياح ڪھڙن ڏکيائين کي منهن ڏيندا ھوندا ؟ ڪجهھ اھڙا به سياح ھوندا جيڪي ايئن ئي ھليا ويندا جن کي ھھڙي موسم ۾ ڪھڙيون ضروري شيون کڻڻ جو به شعور نه ھوندو، خاص ڪري برف باريءَ جي ڪري زنجير جيڪي ٽائرن لاءِ لازمي آھن ته جيئن برف ۾ گاڏيون سلپ ٿي ڪري نه پون، گرم ڪمبل وغيره سان گڏ خشڪ فروٽ ڀڳڙا وغيره لازمي کڻڻا ھوندا آھن،

اھڙن معاملن کان بي خبر سياحن لاءِ ڪٿي به ڪا ھيلپ لائين يا ڪا چيڪ پوسٽ ناھي جو ويندڙ سياحن کي حفاظتي شين ۽ علائقي جي صورتحال متعلق ڪا آگاھي ڏني وڃي، سڄو ڪم توڪل تي آھي جڏھن ته دنيا ۾ موسمي تبديلين کان وڌيڪَ متاثر پاڪستان پنجين نمبر تي پهچي ويو آھي موسمي تبديلين سبب جتي سڄي دنيا پريشان آھي اتي وري اسان جي واڳ ڌڻين جي مٿي تي ڪا جونءَ نه ٿي چري، موسمي تبديلين جا اثر ملڪ کي گھيري ويا آھن انھن جي اثرن کان بچڻ لاءِ ڪنھن به قسم جي حڪمت عملي ناھي ۽ نه وري عوام کي ان متعلق ڪا آگاھي آھي ٻوڏون، زلزلا، برف باري برسات ڇا آھن، انھن جي تبديل ٿي ويل وقت ۽ شدت ئي ته موسمي تبديلين جو واضح اظھار آھي، پر اسان جا حڪمران ڌيان ئي نه ٿا ڏين، موسمي تبديلين جا اثر سنڌ تي به پئجي چڪا آھن جو ڪنھن زماني ۾ سنڌ جون چار موسمون ھونديون ھيون

ھاڻي اھي چار موسمون ختم  ٿي ويون آهن ڪڏھن ٿڌ ته ڪڏھن گرميءَ جنھن ڪري فصلن تي ڪاپاري نقصان پھچندو ٻوڏون اينديون يا گرميءَ جي شدت ۾ اضافو يا برسات ۽ ٿڌ گھڻي پوڻ ئي موسمي تبديلين جا اثر آھن، جيڪڏھن سرڪار ان طرف ڌيان نه ڏنو موسمي تبديلين جي حوالي سان ڪا حڪمت نه جوڙي ته اڳتي ھلي ملڪ ۾ کاڌ خوراڪ جو وڏو بحران پيدا ٿيندو، دنيا موسمي تبديلين جي خوف ۾ ورتل آھي سڌريل ملڪ اڳواٽ پاليسيون جوڙي رھيا آھن، اھڙا فصل پوکي رھيا آھن ،جيڪي موسمي تبديلين ۾ جٽاءُ ڪري سگھن،تعميرات سميت زندگي جي ھر شعبي ۾ رٿابندي انھن تبديلين کي نظر ۾ رکي ڪئي پئي وڃي،پر پاڻ وٽ،،،،،

جيڪڏھن سرڪار سُتل نه ھجي ھا ته ڪوھ مري واري علائقي ۾ سياحن جون جانيون به ضايع نه ٿين ھا، ھڪ لک کان وڌيڪ گاڏين جو وڃڻ ان علائقن جي شھرن ۾ رھڻ,خوراڪ جو پڻ مسئلو به ھوندو، ذريعا ٻڌائي رھيا آھن ته صرف 20 سيڪڙو ماڻھن کي اتي سھولتون ملي سگھيون باقي 80 سيڪڙو ماڻھو پريشاني ۾ رھيا پر سرڪار ان کي قدرتي آفت ڪوٺي مري کي آفت سٽيل ماڳ قرار ڏئي معاملو قدرت جي کاتي ۾ وجھي ڇڏيو،

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.