پير شاهه مردان شاهه، هڪ تاريخ ساز شخصيت

تحرير : عبدالوهاب منشي

سندس زندگي ۾ هن جو سياسي قد، مقام ملڪ جي سمورن سياستدانن کان وڌيڪ مٿي هيو، هن جي زندگي هڪ بادشاهه جي  طرز زندگي واري  هئي، سندس شخصيت جو اهو ڪمال هيو، ته هن جڏهن 14 ورهين جي عمر ۾ پنهنجي والد جي گادي سنڀالي ته حر جماعت مسئلن جي ور چڙهيل هئي، ڪير حرن کي سماجي طور تي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه هيو، پر اهو ڪريڊٽ جيڪڏهن پير سائين پاڳاري جي حوالي سان ڏسجي ته هن پنهنجي ڪردار ۽ پنهنجي پاليسين سان حرن کي ملڪ جي سياست ۽ سماج ۾ وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم بڻايو.

جيڪڏهن مان اهو  لکان ته هو هڪ بادشاهه گر انسان هيو، ته اهو سچ هوندو، اسان کيس  ڪڏهن نٿا وساري سگهون، هو پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن هو. سندس مدبر شخصيت کي ڏسي هر وقت ائين لڳندو هو، ته جيئن هو نوجوانن سان نوجوان، بزرگن سان بزرگ ۽ جنرلن سان هڪ ڏاهي جنرل جهڙو هجي، هو ڪنگري هائوس جي هڪ ڪمري ۾  پنهنجي آفيس مان ويهي سڄي سنڌ، پاڪستان توڙي انٽرنيشنل سياست تي گهري نظر رکندو هو.

سندس عادت ۾ شامل هو ته وڏي خاموشي ۽ عاجزي سامهون واري جي ڳالهه کي غور سان ٻڌڻ بعد ۾ پنهنجو جواب ڏيندو هو، کيس تاريخ، ادب توڙي جديد علم تي پڻ گهرو مطالعو هو، جيڪڏهن کيس ”تاريخ“ لکان ته اهو سچ هوندو، هو هن صدي جو هڪ باڪمال انسان هو  جنهن کي ڪڏهن وساري نٿو سگهجي، هن پنهنجي زندگي بادشاهت توڙي فقيري رمز ۾ گذاري ڇڏي.

منهنجو اڄوڪو ليک سنڌ ڌرتي لاءِ ويڙهه ڪندڙ شهيد سورهيه بادشاهه جي عظيم فرزند شاهه مردان شاهه ”ثاني“ مرحوم جي نالي آهي، منهنجو اڄوڪو ڪالم فقط پير صاحب پاڳاري جي شخصت، ڪچهريون ۽ ملاقات بابت رڳو يادگيريون آهن، مان پنهنجي اها خوشنصيبي سمجهان ٿو  ته منهنجي ساڻس زندگي جي آخري ڪجهه سالن ۾ تمام گهرو تعلق ۽ ويجهڙائپ رهي، سندس ڏنل تمام گهڻو پيار، قرب ۽ شفقت کي مان ڪڏهن نٿو وساري سگهان،

هو پنهنجي ذات ۾ تمام وڏو ماڻهو هو، پر مان ته رڳو سندس مداح آهيان، مان هڪ قلم ڪار آهيان، جنهن جو ڪنهن سياسي جماعت يا تحريڪ  سان ڪو واسطو ڪونهي، پر منهنجو پير صاحب پاڳاري سان هڪ روحاني رشتو آهي، جيڪو هاڻ هن دنيا کي الوداع ڪري هليو ويو آهي، پراهو رشتو اڄ به سندس قابل فرزند موجوده پير پاڳارو پير صبغت الله شاهه سان ساڳيو آهي، جهڙو سندس والد پير سائين شاهه مردان شاهه سان هيو.

پير صاحب شاهه مردان شاهه جي شخصيت جا ٻه رخ هئا، هڪ ته هو تمام وڏي گادي جو روحاني پيشوا هو، ٻيو سندس شمار هن ملڪ جي وڏي اعليٰ پايي جي سياستدانن ۾ ٿيندو هو. ضرور سندس سياسي شخصيت کان ڪير سياسي ۽ نظرياتي اختلافات رکي سگهي ٿو، پر سندس قد آور شخصيت هجڻ کان ڪير انڪار نٿو ڪري سگهي،

ساڻس هميشه ملاقات ۾ ٻهڪندڙ چهري تي عجيب جلالي سرخي، هٿ ۾ سگريٽ ۽ صبح جي ناشتي مهل چانهه جي ڪپ تي جيڪي يادگار ڪچهريون آهن، اهو منظر اڄ به اکين آڏو ڦري ٿو، ته دل اعتبار ئي نٿي ڪري ته، ڪو هو هن دنيا مان هليو ويو آهي، پير صاحب پاڳاري جي ڏاهپ، علم، جديد مطالعي، فلسفي، درس ۽ سياسي پيشن گوئين جي پختگي کان ڪير انڪار نٿو ڪري سگهي.

سندس شخصيت جو اهو ڪمال هو ته هو ملڪ جي ماڻهن کي وقت کان اڳي امڪاني حالتن کان ئي آگاهه ڪندو هو. هن فقير جي اها خوشنصيبي رهي ته مان سندس ويجهي رهيس جڏهن به دل ۾ ساڻس ملاقات جي سِڪ لڳندي هئي ته پير صاحب کي سندس ذاتي ٽيليفون نمبر تي ڳالهائي اوچتو ڪنگري هائوس ڏانهن روانو ٿي ويندو هئس، جتي ساڻس ڪافي جي ڪپ تي گهڻائي ڀيرا شاندار ملاقات ڪرڻ ڪنهن اعزاز کان گهٽ نٿو سمجهان.

هو سگار ۽ ڪافي پيئڻ جو تمام گهڻو شوقين هو، پر زندگي جي آخري ٻن سالن ۾ هن سگار پيئڻ مڪمل طور ڇڏي ڏني هئي، هڪڙو ڀيرو سندس هٿ ۾ سگريٽ ڏسي پڇيم ته، ”اڄ سگار جي جڳهه اوهان سگريٽ استعمال ڪريو پيا؟ ته هن کلندي جواب ڏنو ته سڀئي سگار گهر وارا هاڻ سگريٽ تي گذارو آهي.

جڏهن هيمشه وانگر سندس زندگي ۾ ساڻس اوچتو اوچتو ملاقات ڪرڻ جو موقعو ملندو هيو، ته  هو هميشه پنهنجي طبيعت ۾ خوش، هشاش بشاش نه رڳو نظر آيو پر هو، هميشه الله تعاليٰ شڪر ادا ڪندي نظر ايندو هيو، هو هميشه چوندو هيو ته هاڻي منهنجي  طبيعت پهرين کان بهتر آهي،“ پر ڪمزوري تمام گهڻي اٿم. ڪچهري دوران هن مٺي کان حيدرآباد جون حالتون پڇيون، سنڌ جي ٻوڏ متاثرين تي ڳالهايو ته سنڌي ماڻهن جي حالتن تي گهري نظر رکندي سنڌ اشوز تي گهري سوچ ۾ پڻ نظر آيو.

هڪ ڀيرو، مونکي ياد آهي ته پير صاحب سان ملاقات هلي رهي هئي همت ڪندي کيس عرض ڪندي پڇيم ته، جيڪڏهن توهان، سائين جي ايم سيد ۽ ذوالفقار علي ڀٽو سنڌ جون ٽيئي  قوتون جيڪڏهن گڏجي پئو ها، ته اڄ اسان سنڌي ماڻهن جو اهو حشر نه ٿئي ها، اڄ سنڌي هن ڌرتي جا ڌڻي سائين هجن ها،

مون کي اهو ياد نٿو پوي ته مون جڏهن پير سائين پاڳاري شاهه مردان شاهه کي ڳالهه عرض ڪئي هجي ۽ هن پوري نه ڪئي هجي،  هو خاموشي سان منهنجي ڳالهه ٻڌندو رهيو ۽ آخر ۾ جواب ڏنو ته ڀٽو پنهنجي طبيعت جو مالڪ هو، مان جي ايم سيد جي تمام گهڻي عزت ڪندو هئس، هو منهنجو چاچو هو، مزاج ۽ طبيعت جي ڪري اسان مان ڪو ڪونه گڏجي سگهيو. اها هڪ حقيقت آهي، ته جيڪڏهن ذوالفقار علي ڀٽو، سائين جي ايم سيد ۽ سائين پير صاحب پاڳارو گڏجي پون ها، ته اڄ سنڌي ماڻهو پنهنجي ڌرتي جا ڌڻي سائين هجن ها.

هڪ ڀيرو ٽيليفون تي ڪمشنري نظام جي بحالي بابت سندس ڄمي بيهڻ تي هو چوڻ لڳو ته سنڌ جا ماڻهو هاڻ ڇا ٿا سوچن؟ مون عرض ڪيو ته پير صاحب سنڌ جي ماڻهن کي هاڻ پنهنجي ڌڻي سائين جي ڳولا آهي، جيڪڏهن ڪو سندن ڌڻي سائين ٿئي ته سنڌ جي تقدير بدلجي سگهي ٿي. يقينن سنڌ جو هر با ضمير ماڻهو توهان جي ورتل موقف کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، مان پنهنجي پڙهندڙن کي ٻڌائيندو هلان ته ٻه سال اڳي رمضان جي مهيني ۾ متحده جي هڪ وفد بابر غوري، رضا هارون ۽ وسيم اختر جڏهن ساڻس ملاقات ڪرڻ ڪنگري هائوس تي افطار پارٽي جي دعوت ڏيڻ پهتا ته پير صاحب هڪ تاريخي موقف اختيار ڪندي متحده جي کي صلاح ڏني ته سنڌ ۾ ڪمشنري نظام جي بحالي ۽ سنڌ جي ضلعن جي ساڳي تاريخي حالت ۾ بحالي لاءِ پنهنجو  موقف واضح ڪن ۽ سندن قيادت سنڌ اشوز تي کلي ڳالهائي ته پوءِ هو نائين زيرو تي افطار پارٽي ۾ شرڪت ڪندو. ن

يٺ ڪمشنري نظام تي متحده آخري ڏينهن تائين پنهنجو ڪو موقف واضح نه ڪيو تنهن سبب پير صاحب هن دعوت افطار ۾ شرڪت ڪونه ڪئي. ساڳي طرح ئي ڪمشنري نظام جي بحالي لاءِ مون سنڌ جي قومپرست سيد شاهه محمد شاهه کي صلاح ڏيندي،  عرض ڪيم ته توهان سڀئي قومپرست گڏجي پير صاحب وٽ وڃو ۽ سنڌ جي اشوز تي ڳالهه ٻولهه ڪريو،. شاهه محمد شاهه، مونکي چيو ته تون پير صاحب سان ڳالهه ٻولهه ڪري ٻڌاءِ پير صاحب ڇا ٿو سوچي؟ هن وراڻي ۾ جواب ڏنو ته آئون سنڌ جي هن اشو تي قومپرستن جي راءِ سان سهمت آهيان. پوءِ سيد جلال محمود شاهه بشير خان قريشي ۽ شاهه محمد شاهه پير صاحب سان ملاقات ڪئي، هن ملاقات ۾ پير صاحب نه رڳو قومپرستن جي موقف جي حمايت ڪئي، بلڪه قومپرستن پاران ڏنل هڙتال جي سڏ تي سڄي سنڌ ۾ پاڻ 13 آگسٽ 2011ع شٽر بند هڙتال جي اعلان ۾ مڪمل ساٿ ڏنو.

پير صاحب جي اهڙن گهڻن عملن سان واضح ٿي چڪو هو ته هن پنهنجي زندگي جي آخري ڏينهن۾ سنڌ جي ريجنل اشوز تي سنڌ واسين جي پوري طرح پر گهور لهڻ جو ارادو ڪري ورتو هو. مان پير صاحب سان جڏهن مليس ته هو پنهنجي شخصيت ۾ هڪ مقناطيسي شخصيت جو مالڪ هو.

هو جنهن سان هڪ ڀيرو ملي وٺندو هو، ته کيس پنهنجو بڻائي ڇڏيندو هو. هن فقير لاءِ اهو ڪنهن اعزاز کان گهٽ ڪونهي ته پير صاحب جيئن پنهنجي زندگي پنهنجي اولادن کي هنج ۾ کنيو ۽ پيار ڪيو، ائين ئي منهنجي پٽ محمد حسين منشي کي پنهنجي هنج ۾ کڻي پيار ڪري فوٽو ڪڍرايو.

هميشه مون کي پنهنجي پيار، قرب ۽ شفقت سان منهنجي مٿي تي هٿ رکيو، سندس تمام گهڻيو يادگيريون، کل ڀوڳ، چرچا ۽ ڪچهريون هن جي ذهن تي نقش آهن، هن هميشه مون کي تمام گهڻي  دعائون ڏنيون ۽ اڄ سندس دعائن جي ڪري مان هر منزل تي ڪامياب رهيس. هو هن دل ۾ هميشه ياد رهندو ڇاڪاڻ ته جتي ملڪ جا وڏا وڏا سياستدان، صحافي ۽ جرنيل ۽ ڪنگري هائوس جا راهي هئا، اتي هي فقير به پير صاحب جو مداح هو. سندس ڪردار ۽ شخصيت تي ڇاڇا لکان اهو سمجهه ۾ نه پيو اچي.

مان دعاڳو آهيان ته خدا تعاليٰ سندس موڀي وڏي پٽ موجوده پير پاڳاري پير صبغت الله شاهه کي سندس والد پير شاهه مردان شاهه جي ڇڏيل مشن کي پورو ڪرڻ جو  قدرت سندس مدد ڪري ته جهڙي طرح اڄ به راجا هائوس مان ويهي ڪنگري هائوس جي شان ۽ مان مٿي ڪرڻ لاءِ جيڪي ڪم ڪري رهيو آهي، اهي سنڌ جي نئين تاريخ ۾ پنهنجي جڳهه تي آهي، ايندڙ وقت پاڻ ثابت ڪندو، ته پير صبغت الله شاهه پير پاڳارو پنهنجي والد جي ڇڏيل مشن ۽ سندس آشياني کي آباد رکڻ ۾ ڪا ڪسر ڪو نه ڇڏيندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.