مري ۾ هوٽلن تي اگهه وڌائي بي حسي ڪئي وئي: قادر مگسي

حيدرآباد(پ ر)سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھ ڊاڪٽرقادرمگسي  ڪوھ مري واري ۾ سياح سان پيش آيل حادثي تي افسوس جو اظھار ڪندي چيو آھي ته مري برفباري ۽ ٿڌ سبب تڙپي تڙپي ساھ ڏيندڙ سياحن جي وارثن سان  تعزيت جو اظھار ڪريون ٿا دعاگو آھيون مري وارو واقعي ملڪ جي حڪمرانن جي نااھلي ۽ نالائقي سبب پيش آيوهن چيو ته واقعي کان حڪومتي وزير سوشل ميڊيا تي وڏيون ڊاڙون ھڻڻ ۾ پورا ھئا ته ھيڏي وڏي تعداد ۾ سياح آيا آھن جو ھوٽلن ۽ کاڌي پيتي جا اگھ پنجوڻا ٿي ويا آھن . پر ھنن بي حس ڪرپٽ حڪمرانن کي نه انھن سياحن جي زندگين کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ ته ڪي انتظام نه ڪيا پر حيرت جي ڳالھ جو ماڻھن جي مجبوري مان فائدو وٺندڙ ھوٽلن ۽ دڪاندارن پاران اگھ واڌئڻ تي ايڪشن جي بدران وزير فخر سان ٽوئيٽس ڪندي ٻڌائيندا رھيا. ان کان وڌيڪ بي حسي ۽ ٻي نالائقي ڪھڙي ٿيندي، هن چيو ته عوام کي ھاڻي سجاڳ ٿيڻو پوندو ۽ ھنن کي گھر ڀيڙو ڪري پنھنجي جان آجي ڪراڻي پوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.