پي ٽي آءِ جو وس هلي ته برف باري جو ذميوار به پ پ کي قرار ڏئي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته واعدا عمران خان ۽ ايم ڪيو ايم ڪيا پر اهي پ يپلز پارٽي پورا ڪري رهي آهي. بوٽ بيسن تي صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪچرو هن شهر جو بنيادي مسئلو هو، سالڊ ويسٽ ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ايف بي ايريا ۾ اقبال پارڪ کي جهانگير پارڪ جيان ٺاهي رهيا آهيون، نئون فنڊ ناهي آيو پر ڪم ڪرڻ جي نيت مقصد آهي . مارچ ۾ سنڌ حڪومت جون بسون اچي وينديون، ريڊ لائن جي هڪ مهيني ۾ گرائونڊ بريڪنگ ڪئي ويندي، اهو بائيو گئس منصوبو آهي، ماڻهو سستو سفر ڪري سگهندا. مرتضيٰ وهاب چيو ته اسان پاڻي جي منصوبي تي به ڪم ڪري رهيا آهيون، پي ٽي آءِ جو وس هلي ته برفباري جو ذميوار به پ پ کي قرار ڏئي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.