عمران سياسي لاوارث، حڪومت وڃڻ جا سبب جوڙيا پيا وڃن: خواجا آصف

سيالڪوٽ (م ڊ) نواز ليگ اڳواڻ خواجا آصف وزيراعظم عمران خان کي سياسي لا وارث قرار ڏئي ڇڏيو آهي, سيالڪوٽ ۾ ورڪرز  ڪنوينشن کي خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته حڪومت جا قدم ڏڪي رهيا آهن، هن جي وڃڻ جا سبب پيدا ڪيا پيا  وڃن . خواجا آصف چيو ته مان احتساب ادارن کان پڇان ٿو ته اوهان جيڪو ڪم ڪري رهيا آهيو ان کي درست ڪري رهيا آهيو، ڇا ڪرپشن رڳو اسان ۾ نظر اچي رهي آهي؟ باقي کير ڌوتل آهن، 185 جو ڊالر ٿي ويو، جڏهن 97، 98 جو هو ته اسان کي گاريون ڏيندا هئا. مري ۾ افسوسناڪ واقعي تي ڳالهائيندي ن ليگ جي مرڪزي اڳواڻ چيو ته مري واري معاملي تي هڪ وزير چيو ته هڪ لک گاڏيون داخل ٿيون، اها ترقي جي نشاني آهي، فواد چوڌري ان ڪري ڳالهائي رهيو  آهي جو هو شيخ رشيد جي جاءِ تي اچڻ چاهي ٿو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.