ترميمي مڪاني بل خلاف جماعت اسلامي جا سڄي سنڌ ۾ مظاهرا، احتجاجي ڪئمپون

ڪراچي/سکر/حيدرآباد(نمائندا) جماعت اسلامي سنڌ جي تحت سنڌ حڪومت طرفان سنڌ اسيمبلي ۾ منظور ڪيل ترميمي مڪاني بل خلاف اعلانيل احتجاج جي سڏ تي دادو ، لاڙڪاڻو ، جيڪب آباد،  شڪارپور ،سکر، نوشهرو فيروز، نوابشاهه، ميرپور خاص ،ڪنڌ ڪوٽ ،ٽنڊوالهيار ،حيدرآباد، ٽنڊو آدم،بدين، ٺٽو ،گولاڙچي ۽ شهدادڪوٽ سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ۽ ڪئمپ لڳايا ويا.اڳواڻن مڪاني بل کي ڪارو قانون قرار ڏيندي گھر ڪئي ته آئين موجب ڪراچيءَ کان ڪشمور سڄي سنڌ جي مڪاني ادارن توڙي چونڊيل نمائندن کي مالي ۽ انتظامي اختيار ڏنا وڃن دادو ۾ باءِ پاس کان پريس ڪلب احتجاجي مظاهري کي جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي  خطاب ڪندي چيو ته اسان هي احتجاج  ڪنهن پارٽي يا حڪومت خلاف نه بلڪه مڪاني بل واري ڪاري قانون خلاف احتجاج ڪري رهيا آهيون. هي بل سراسر بد ديانتي تي ٻڌل آهي جنهن ۾ بلديات نظام کي مفلوج ۽ چونڊيل نمائندن جا هث پير ٻڌي پنهنجن حقن کان محروم ڪيو ويو آهي. پيپلزپارٽي جي سرڪار 18 هين ترميم هيٺ مرڪز کان ته صوبي کي حق ڏياريا پر هيٺين سطح تي هو اختيار ڏيڻ لاءِ تيار ناهي جيڪو ان جي ٻٽي معيار جي نشاندهي ڪري ٿو. جماعت اسلامي وٽ 3 ڀير ڪراچي جي ميئر شپ رهي آهي.اسان ڪراچي جي مسئلن کي چڱي طرح  ڄاڻون ٿا، ان موقعي تي ضلعي امير مولانا واحد بخش ٻٻر ۽ محمد موسي پڻ خطاب ڪيو.لاڙڪاڻي ۾ بندر روڊ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي جنهن کي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ ، لاڙڪاڻي هاءِ ڪورٽ  بار جي صدر محمد عاشق ڌامراه ، قاري ابو زبير جکرو، عبد الوحيد سنڌيلو خطاب ڪيو.شڪارپور ۾ فرقانيه حال کان گھنٽا گھر چوڪ تي مظاهري کي سنڌ جي نائب امير حافظ نصرالله چنا ،امير ضلع عبدالرحمان منڱريو خطاب ڪيو ،جيڪب آباد ۾ مقامي دفتر کان پريس ڪلب تائين ٿيل مظاهري کي صوبائي نائب امير ممتاز حسين سهتو ضلعي امير حاجي ديدار علي لاشاري ۽ هدايت الله رند خطاب ڪيو.ٽنڊوالهيار ۾ لياقت گيٽ وٽ ٿيل مظاهري کي سنڌ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مولانا عبدالقدوس احمداڻي ، ضلعي امير ديدار علي بهراڻي خطاب ڪيو.بدين ضلعي ۾ بدين گولاڙچي ۽ ٽنڊوباگو ۾ الڳ الڳ پريس ڪلب تي مظاهرا ڪيا ويا.جن کي ضلعي امير سيد علي مردان شاه ، عظيم ٻارڻ  عبدالڪريم بليدي ۽ اياز لطيف سومرو خطاب ڪيو.سکر ۾ مولانا حزب الله جکرو ، عبدالحفيظ بجاراڻي ، ضلعي امير ايڊوڪيٽ سلطان لاشاري ۽ عبدالحليم تنيي ،ٽنڊو آدم ۾ مشتاق عادل ،عبدالغفور انصاري، عبدالستار انصاري ،نوشهرو فيروز ۾ ضلعي امير  ايڊوڪيٽ شبير احمد خانزادو محمد هاشم لاشاري ، محمود اڄڻ ، نديم غوري خطاب ڪيو . ڪنڌ ڪوٽ ۾ گھنٽا گھر چوڪ تي احتجاجي ڪئمپ لڳائي وئي،جان گل خلجي ،عمر فاروق  چنا ۽ ايڊوڪيٽ عبيدالله بلوچ خطاب ڪيو.مير پور خاص ۾ مارڪيٽ چوڪ تي رٿيل مظاهري کي حاجي نور الاهي مغل ، عاصم شيخ ، مفتي امام الدين لغاري ،ڏهرڪي ۾ تشڪيل احمد ۽ مولانا يوسف مزاري شهداد ڪوٽ ۾ احتجاج مظاهري کي ضلعي امير ڊاڪٽر امتياز شيخ ، محمد ابراهيم دايو خطاب ڪيو مٺي جي ڪشمير چوڪ تي مظاهري کي خطاب ڪندي عبدالسبحان سميجو چيو ته تازو ترميمي لوڪل گورنمنٽ ايڪٽ تحت بلدياتي نظام کي بي اختيار بڻايو ويو آھي،ٽنڊي محمدخان ۾ امير ابو نونعمان سولنگي، نائب امير نور محمد چانگ ،جنرل سيڪريٽري مسلم ڀائي ۽  ٻين خطاب ڪيو، هوڏانهن ڪراچي ۾ صوبائي وزير ناصر شاهه جي اڳواڻي ۾ وفد حافظ نعيم الرحمان سان ڳالهيون ڪيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.