اسٽيل ٽائون ۾ گهران ڪاوڙجي نڪتل ناري جو لاش هٿ

ڪراچي(رپورٽ:حفيظ ڦلپوٽو)اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي پوليس کي پپري فلٽر پلانٽ  ڀرسان هڪ نالي مان 17 ورهين جي ناري جو لاش  هٿ آيو آهي،لاش جي سڃاڻپ آچر ڳوٺ جي رهواسي مزدور غوث محمد جي نياڻي 17 سالن جي شينا طور ٿي آهي، لاش جي سڃاڻپ ڪپڙن مان ڪئي وئي آهي، اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي ايس ايڇ او موجب ناري 4 جنوري تي پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن سان جهيڙو ڪرڻ کان پوءِ ناراض ٿي گهران نڪري وئي هئي ۽ ناري جي والد غوث محمد 4 جنوري تي ئي اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي ناري جي امڪاني اغوا َ جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي هئي، جنهن ۾ شڪ ظاهر ڪيو ويو هو ته ڪنهن ان کي ورغلائي اغوا ڪيو آهي،پوليس موجب موت جو ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ لاش کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.