ڪورونا وائرس دپيڪا پڊڪون جي ”جسماني بيهڪ“ به تبديل ڪري ڇڏي

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي”ڊمپل گرل“ سڏرائيندڙ اداڪارا دپيڪا پڊڪون چيو آهي ته ڪورونا وائرس نه رڳو سندس ذهني صحت کي متاثر ڪيو پر جسماني بيهڪ ۾ به تبديليون آنديون.

دپيڪا پڊڪون مئي 2021 ۾ والدين ۽ ڀيڻ سميت ڪورونا جو شڪار ٿي ۽ ٽن هفتن تائين مرض ۾ مبتلا رهي.

ان وقت خبرون هيون ته دپيڪا ۾ ڪورونا جون وڌيڪ علامتون ناهن ۽ کيس اسپتال منتقل ڪرڻ جي به نوبت ناهي پر هاڻي هُن ٻڌايو  ته مون منجهه گهر جي ٻين ڀاتين کان مختلف ۽ سنگين علامتون ظاهر ٿيون.

دپيڪا پڊڪون ” فلم ڪمپينين “سان ڳالهه ٻولهه دوران جتي پنهنجي شوبز ڪيريئر تي ڳالهايو، اتي هن ڪورونا ۾ مبتلا ٿيڻ ۽ بعد جي زندگي بابت به خيالن جو اظهار ڪيو.

اداڪارا چيو ته ڪورونا کانپوءِ نه رڳو منهنجي پر پوري دنيا جي زندگي تبديل ٿي چڪي آهي ۽ ٻين ماڻهن جيان پهرين مون کي به سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا ٿيندو پر جڏهن ٿيو ته سندس زندگي به تبديل ٿي چڪي آهي.

دپيڪا موجب ڀارت ۾ ڪورونا جي پهرين لهر دوران جڏهن پهريون لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو ته تڏهن ماڻهن جا خيال ۽ ترجيحون ٻيون هيون پر ٻئي لاڪ ڊائون وقت ماڻهن جي سوچ مَٽجي وئي.

هن چيو ته پهرئين لاڪ ڊائون وقت هوءَ به پريشان هئي ته ڇا ٿيندو ۽ هُن پهريون وقت پنهنجي مڙس اداڪار رنوير سنگهه سان گڏ گذاريو.

اداڪارا چيو ته جيئن ئي ٻيو لاڪ ڊائون شروع ٿيو ته هوءَ پنهنجي وارثن وٽ اچي وئي ۽ ان دوران گهر جا سمورا ڀاتي به ڪورونا جو شڪار ٿي ويا ۽ سندس زندگي گڏيل طور تبديل ٿي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.