سر مومل راڻو؛ ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي

تحرير؛شفيق الرحمان شاڪر

هن سر جو مضمون مومل راڻي جي مشهور قصي تي ٻڌل آهي.توڙي جو قصي جا سمورا واقعا سنڌ ۾ ٿي گذريا آهن پر اڄ تائين ان قصي بابت ڪا قابل اعتبار کوجنا نه ٿي سگھي آهي.ان ڪري اهو قصو مختلف نمونن سان بيان ٿيندو رهيو آهي.بهرحال ان قصي جو تت اهو ته پندرهين صدي عيسويءَ جي شروع ۾ راجا نند نالي گجر ذات جو هڪ سردار ميرپور ماٿيلي جو حاڪم هو،کيس نو نياڻيون هيون جن ۾ مومل سونهن ۾ سرس جڏهن ته سومل عقل ۾ اڪابر هئي.ٻنهي ڀيڻن ميرپور ماٿيلو ڇڏي جيسلمير جي لڊاڻي نالي شهر ۾ هڪ جادوئي رنگ محل تعمير ڪرايو جتي مختلف جادوئي کرمٽن ذريعي ڪيترائي حسين شهزادا ۽ سردار مومل سان ملڻ جي شوق ۾ برباد ٿي پنهنجي مال ملڪيت وڃائي ويهندا هئا پر مومل تائين پهچڻ جو خواب رڳو خواب ئي رهندو هو.قصو ڪوتاهه   ته ان زماني ۾ ٿر ۾ سومرن جي حڪومت هئي جنهن گھراڻي جو پويون حاڪم همير سومرو سن 1400ع ۾ تخت تي ويٺل هو،سندس تخت وارو شهر عمرڪوٽ هو.سندس ٽن خوبصورت پڳ مٽ يارن مان هڪڙو راڻو مينڌرو به هو جيڪو همير جو سالو هو.اهي اڪثر سير سفر ۽ شڪار سانگي جھنگل جھاڳيندا رهندا هئا.هڪ ڏينهن جڏهن اهي چار ئي دوست ڪنهن بيابان مان گذري رهيا هئا ته سندن ملاقات هڪ خوبصورت جوڳيءَ سان ٿي جنهن تي عشق جي عجيب ڪيفيت طاري هئي ۽ سندس اکين ۾ ڄڻ باهه جا الا ٻري رهيا هجن.

ڪالهه گڏيوسين ڪاپڙي، بابو بيکاري،

ساميءَ سيلو سر تي، مالا موچاري،

ڏيئي ڏيکاري، ڦٽي دل فقير ويو.

هنن جڏهن ان بيکاريءَ کان عشق جا احوال معلوم ڪيا ته ڪاپڙي في الحال ڪنهن ڪيفيت ۾ ٻڏي ويو.

بيکاريءَ کي بر ۾، ويو ڪيف چڙهي،

ڳالهيون ڪندي ڪاڪ جون،ڳوڙها پيس ڳڙي،

ڪاجا انگ اڙي، جن ڇٽا ڦٽ ڇڙي پئا.

بيکاريءَ کان مومل جي سونهن جون خبرون ٻڌي چئني دوستن عمرڪوٽ اسهڻ بدران جيسلمير جي ڪاڪ محل جو سفر سانڀايو.

چڙهيا چارئي يار،سوڌا شڪاري،

فڪر سان ڦٽي ڪئي، سوڍي سوپاري،

ويا ڪاهيندا ڪاڪ ڏي،جتي مومل موچاري،

موٽئا نه ماري، ڪونئر لتاڙي ڪاڪ جا.

قصو مختصر ته اهي نيٺ پنڌ پورو ڪري مومل جي محل تائين پهتا ۽ وڏي بيچينيءَ سان مومل سان ملاقات لاءِ انتظار ڪرڻ لڳا.جيئن ته مومل تائين پهچڻ ڪا ٻارن جي راند نه هئي سو سوڍي جا ٽيئي يار جادوئي کرمٽن سامهون پنهنجي همت هاري ويٺا جڏهن ته سوڍو سڀ لنگهه لنگھي وڃي پار پيو.

آيو مير مينڌرو، سوڍو ايءَ صحي،

لڊوڻيان لطيف چئي، آيو ڪاڪ ڪهي،

ويڙا ڏک لهي، مومل گڏيو مينڌرو.

راڻو مومل جي محبت جي منزل ماڻي جڏهن مومل کان موڪل وٺي وري عمرڪوٽ موٽيو ته همير حسد وچان کيس قيد ڪري ڇڏيو پر سندس زال جي منٿ ميڙ تي هن راڻي کي ان شرط تي آزاد ڪيو ته هو واپس ڀلجي به مومل جي محل جو رخ نه رکندو.هڪ رات راڻو وجهه وٺي هڪ ڀلي اٺ تي چڙهي وڃي ڪاڪ محل پهتو پر سومل کي مومل جي بستري تي ڏسي ڀل وچان غلط گمان ڪري ويٺو.هن مومل سان ڪوبه احوال ڪرڻ بدران پنهنجو لڪڻ نشانيءَ طور ڇڏي واپسيءَ جي واٽ ورتي.جڏهن مومل جي نيڻن مان ننڊ نڪتي ته هوء سڄي ماجرا سمجھي ويئي ته راڻي کي پڪ سان ڪا غلطفهمي ٿي آهي جنهن ڪري هو رسي هليو ويو آهي.

راڻو ڪا رات ويو،ڳجھي ڳالهه ڪري،

سوڍي ريءَ سرتيون، هڏ نه ساه سري،

وڃي مان وري، آئون آسائتي آهيان.

پر مومل جي اها آس عبث هئي،راڻي کي واپس ورڻو ئي نه هو سو هو نه وريو.

هن سر ۽ هن قصي ۾ روحاني راز اهو سمايل آهي ته انسان جيڪو ڌڻي پاڪ جو طالب آهي سو محبوب حقيقي خود انسان سان انيڪ الفت ٿو رکي.اهو هڪ اونهو راز آهي ته طالب مطلوب آهي ۽ مطلوب خود طالب.  ڪائنات ڪيڏي به ڪشادي هجي ۽ انسان ڪهڙي به ڪنڊ ۾ پاڻ پنهان ڪري ڇڏي ته به مالڪ جي نظر عنايت کيس هر وقت تڪيندي ٿي رهي ۽ هو انسان کي اونداهيءَ جي غارن مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻي ٿو.

مومل مان مراد آهي اهو انسان جيڪو پنهنجي مالڪ حقيقي کان منهن موڙي پاڻ لڪائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو جيئن مومل جادوئي کرمٽ کوڙي پنهنجو پاڻ کي پوشيدو رکي پنهنجن عاشقن کان نٽائڻ پئي چاهيو اهڙيءَ طرح انسان به پنهن جي چوڌاريءَ دنيائي سامان جا انبار لڳائي ۽ حرص هوس جا ڄار وڇائي پنهنجو پاڻ کي ڌڻيءَ کان پري رکڻ ۾ پورو آهي.پر اهي ور وڪڙ ۽ چالاڪيون مالڪ کان ڳجھيون نٿيون رهن،جتي هر ڪنهن کان واٽ وسري وڃي اتي به رب پاڪ جي نظر خطا نٿي کائي.

آيو ڪهي ڪاڪ تي، سوڍو پاڻ سڄاڻ،

لکن سين لطيف چئي، راڻي ڪئي رهاڻ،

پرين پرچيو پاڻ، ٿيو مڙوئي مينڌرو.

توڙي جو مومل جي کرمٽي کيلن ڪيترن ئي دانائن جون متيون منجھايون پر سوڍو سڄاڻ هو سو سڀ سمجھي ويو ۽ سارو ڪاڪ محل مينڌري جي مهڪ سان مهڪي پيو.

ڪئين جادو هئا جنبير، مومل جي ماڙيءَ ۾،

راڻن کي رولڻ جا،ڪئين ڦنڌ هلايا ڦير،

جڏهن سوڍو چڙهيو شير، تڏهن گھاو ڪيائين گجر سين.

پر سوڍي واري ساڃاهه،سمجھه ۽ سرت،ڏانء ۽ ڏاهپ،دانائي ۽ دانش انسان ۾ پاڻهي پيدا نٿي ٿئي انهيءَ لاء ڪنهن ڪامل مرشد ۽ واقف رهبر جي رهنمائي گھرجي.

اڳتي شاه صاحب ڪرهي يعني اٺ کي مخاطب ٿيندي فرمائين ٿا ته

ڪرها! ڪارڻ ڪاهه،توکي ڌڻين ڌاريو،

ساري ڏيج سيد چوي،لڊاڻي تان لاهه،

مقابلو مومل سين،ٿيندو سنجهه صباح،

سوڍي جي صلاح،ڪونئر چرندين ڪاڪ جا.

اٺ کي ڌڻين ڪاهه لاءِ ئي ڌاريو آهي.هتي ڪاهه مان مراد آهي روحاني سفر جيڪو هن جهان کان ايندڙ جهان ڏانهن آهي.پر لطيف سائين خبردار ٿا ڪن ته ان سفر ۾ لڊاڻي جي هڪ ڏکي ٽڪري اچڻ واري آهي انهيءَ تان خيال سان لهجان.مومل سان مقابلي مان مراد آهي ته صبح يا سانجھيءَ تنهنجي محبوب حقيقيءَ سان ملاقات ٿيندي جيڪر تو سوڍي جي صلاح يعني روح جي مرضيءَ سان زندگيءَ جو سفر پورو ڪيو ته پوءِ ڪاڪ جا ڪونئر يعني محبوب حقيقيءَ جو راضپو ماڻيندين.اهي ڪاپڙي جيڪي ڪاڪ ڪڪوريا يعني يعني محبوب جي محفل ۾ حاضر ٿيڻ جا اهل ٿيا انهن جون ڪجهه نشانيون هي آهن.

جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، تن لهي نه لايو،

ڪڙي ڪيف خمارئا، مئي پي موالي،

وتن وصالي،لڊوڻئان لوڌي ٿيا.

اهي ڪاپڙي جن کي ڪاڪ جي ڪنوارين پنهنجي رنگ ۾ رڱي ريٽو ڪري ڇڏيو انهن تان عشق جي لالاڻ واري لالائي لهڻ واري ناهي.هتي انهن عارفن طرف اشارو آهي جن محبوب حقيقيءَ جي محبت ۾ رنگجي پنهن جي مٿان عشق جو ابدي رنگ چاڙهي ڇڏيو جيئن قرآن ڪريم ۾ آيو آهي ته

“ اهڙو ئي آهي الله جو رنگ۽ رنڱڻ ۾ خدا کان وڌيڪ ٻيو بهتر ڪاريگر ڪير آهي؟”

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.