ڪتاب ” سون ورنيون سٽون“ جو اڀياس 

تحرير؛ عبد الله سنڌي

سنڌ ڌرتي جي عاشقن جو فخر سائين محمد ابراهيم کوکر جنهن جي پيار جو پورهيو ” سون ورنيون سٽون” (شاعري جو مجموعو) پڙهندڙن لاءِ  ڄڻ هڪ الڳ دنيا آهي جنهن دنيا جي سفر ۾  ٽي شيون نمودار نظر اينديون. پهرين سنڌ ٻيو يونورسٽي ٽيون هوءَ. سچ پچ ته اِهي اُهي شيون آهن جنهن سان هڪ فرد جي ڪوجهي زندگي حُسن سان سرشار ٿي وڃي ٿي.  سائين ابراهيم کوکر، شاھ جو پارکو ۽ استاد بخاري جو ننڍپڻ کان شيدائي رهيو آهي جنهن جي گفتگو ۾ هميشه پنهنجي ديس جي هيروز جي ذڪر سنڌ جي نوجوانن کي اتساهڻ لاءِ  سمايل آهي.

 112 صفحن تي ٻڌل هي ڪتاب پوپٽ پبليڪيشن پارا ڇپيو ويو جنهن ۾ بيت، غزل، وايون، ڪافيون، چوسٽا، نظم، آزاد نظم ۽ نثري نظم به آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ پروفيسر حسن شيخ ليکو آهي. سائين ابراهيم هڪ شاعر هجڻ سان گڏوگڏ انگريزي شعبي جو پروفيسر به آهي  جيڪو پاڻ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي  شهدادڪوٽ ڪيمپس ۾ بحيثيت پرنسپال پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. جنهن جي پڙهائڻ جو طريقو رواجي استاد گهڻو الڳ آهي. ڪنهن به موضوع جو ليڪچر کل ڀوڳ ۽ ٽهڪن جو ماحول جوڙي دوستاڻي انداز ۾ ڏيندو آهي

ماءُ جنهن کي کيڏڻ ڪُڏڻ جي عُمِر ۾  لطيف، ڀڳت ڪبير، اياز ۽ استاد بخاري جي شاعري جا جلوا پسڻ جي هدايت ڏي ته ان شخص جو عشق عام نوجوانن جيان صرف پنهنجي محبوبا تائين محدود ناهي رهندو بلڪ اهو عشق محبوبا سان گڏ ديس ۽ ديس جي ماروئڙن لاءِ  هڪ اڻ کٽ جدوجهد بڻجي ويندو آهي ۽ ان ئي عشق جو اثر آهي جو هو سنڌ جي نوجوانن کي هميشه تعليمي ميدان ۾ بهتر ڪارڪردگي جي نه صرف دعوت ڏيندو آهي پر ان ميدان ۾ انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ممڪن حد تائين عملي ڪوشش به ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته  هن قوم جي ترقي جو واحد ذريعو تعليم ئي آهي تنهن جي ڪري هن جي وڌ کان وڌ ڪوشش نوجوانن کي تعليم سان مالامال ڪرڻ آهي. سائين جي زندگي بخاري جي هن سٽن جيان آهي  

هِڪ سٽ سرتي، هڪ سسٽ ڌرتي، دوها پوتم هار 

جيڏِيءَ جي لئه، جيجيءَ جي لئه، ساهت جا سينگار

هاڻي جيئن ڀڳل ٽٽل لاري سفر دوران مونجهارن جو سبب بڻجي سگهي ٿي تيئن ئي شاعر زندگي کي به هڪ تويل سفر ڄاڻائي عام مفعوم ٻولي ۾ ڪيڏو نه ڪمال ڪيو اٿس

وري ساڳي ئي هنڌ هو  ديس ۽ ماروئڙن لاءِ  لکي ٿو ته 

ڪيئن چوان تو کي نئون سال مبارڪ 

ماروئڙن جو ناهي هي حال مبارڪ

ڪينٽِين تي ڪَلاڪ ويهي

مون اڃا چانهه نه گُهرائي آ

ڪلاس ۾ من وياڪل وياڪل 

سر جي به ڳالهھ سمجھه ۾ نه آئي آ

انگريزي ڊپارٽمينٽ جي لان ۾

اڄ ڪا رونق ناهي ۽ ٻوسائي آ

  ۽ اڃا ته وري جڏهن انگريزي ادب جي شاعرن ۽ انهن جي ڪم سان هڪ سونهن جي راڻي کي ڀيٽڻ ۾ ته صفا ڪمال ڪيو اٿائين. هونئن ته شاعري تمام وڏي آ پر هتي ڪجهه سٽون پيش ڪجن ٿيون 

هوء جو ڪلاس ۾ مرڪي پئي آ

انگريزي شعبي جي قسمت جَرڪِي پئي آ

هن جي کلڻ جو هڳاء اهڙو 

شيڪسپيئر جي لفظن جي سٽاءُ جهڙو

هوءَ جو ڪلاس ۾ ٿي سوال ڪري 

پيرا ڊائيز لاسٽ وانگي ٿي ڪمال ڪري 

هيمليٽ به جي هن کي ڏسي ها 

اوفيليا ڇڏي سچ ۾ چريو ٿئي ها

سمجهڻ ۾ به ڏاڍي ڏکي آ 

ڄڻ ڪا پراڻي گِريڪ ٽريجڊي آ

سنڌ جيڪا سدائين پيار محبت، ڀائيچاري،امن ۽ رواداري جي ڌرتي رهي آ ان رواداري جو وڏو مثال مذهب پائچارو آهي. جنهن تي شاعر لکيو آ ته 

گيتان جو گيان به سونهن 

پنهنجو قرآن به سونهن 

عيسا جو انجيل به سونهن 

سينا جو بيابان به سونهن 

وري ٻي غزل ۾ لکيو اٿائين ته 

ماڻهن کي واھ واھ کپي 

مونکي تنهنجو چاهه کپي 

رومي حافظ ۽ شيلي سهڻا 

پر اسان کي پنهنجو شاهه کپي

ڪو نه کپي تنهجو منصوبو

سنڌ کي پورو درياھ کپي

سائين ابراهيم سچ کي اهميت ڏيندي اسان جي تعليمي نظام تي هڪ نظم لکيو آهي 

ڪيمپس ۾ ڪتا نوسن ٿا

جي موقعو ملندي ئي 

مظلومن کي ڏاڙهن ٿا

ڪمزورن کي چيرن ٿا 

افسوس جو اسان جا ادارا

علم جا مرڪز ۽ درسگاهون 

به بگهڙن کان خالي ناهن 

ڄڻ ته اسان جي گلشن 

جي حفاظت لاءِ  

ڪي به چوڪيدار ۽

 مالهي ناهن 

هنن بگهڙن جو شڪار 

اڪثر نياڻيون آهن 

جي ٻوساٽيل ماحول مان 

نڪري صاف فضا ۾ 

ساھ کڻڻ لاءِ  آتيون آهن

پر کين ڪهڙي خبر ته 

هو هڪ نئين جهنگ ۾ 

رهزنن وٽ ڦاٿيون آهن 

هن قهر جو قصو

ڪنهن کي ٻڌايون 

اخبارن ۾ لکي ڇا جڳ کلايون

پر مارن کي روڪڻ لاءِ

۽ علمي انڌن کي ٽوڪڻ لاءِ  

ڪا حڪمت عملي جوڙڻي پوندي

۽ هنن بي لغام بگهڙن جي 

هڪ هٺي ٽوڙڻي پوندي.  

سنڌ جي ڀاڪر ۾ يونيورسٽي، يونيورسٽيءَ جي ڀاڪر ۾ هوءَ ۽ هن جي ڀاڪر ۾ هي شاعري ائين َآهي جيئن انهن سڀني جي روح سان ڪچهري ٿيندي هجي. جنهن ڪچهري جو موضوع صرف هڪ ته نه ناهي پر انهن سڀني  مضمونن جي دل سنڌ هوندي آهي. جنهن تي سائين جو هي بيت حاضر آهي  

جي سچو ناهين ڌرتي سان، ته تون ناهين منهنجو ڀاءُ 

لک عزتون ماڻين، ته به پنهنجو نه ٿيندو ٺاھ 

ڀلي تو کي منهنجي ماءُ، معاف ڪري هن جهان ۾ 

 بورس پاسترناڪ لکيو ته ”اسان کنيو حُسن ۽ عشق، موت ۽ زندگي، ازل ۽ ابد باقي دنيا توهان جي آهي“. پاسترناڪ جي هن جملي ۾ صرف هڪ شي جي کوٽ آهي ۽ اها آهي وطن، جٿي حُسن، عشق ،موت ۽ زندگي جو ذڪر ٿئي ۽ اتي وطن جو ذڪر نه ٿئي ته اهي سڀئي اڻپوريون لڳنديون آهن  ۽ سائين جي هن ڪتاب ۾ حسن سان گڏ وطن جو ذڪر به آهي ته وطن جي ڀاڪر ۾ سمويل ورسٽي جو به

  فيض احمد فيض چيو ته شيخ اياز مونکان وڏو شاعر آهي جنهن پنهنجي ٻولي ۾ لکي وطن سان خوب نڀايو آهي. سائين محمد ابراهيم جي انگريزي ايڏي ته سگهاري آهي جو هو مستقل انگريزي ادب لاءِ  لکي وڏو نانءُ ڪمائي سگهي ٿو پر هن جي رڳ رڳ ۾ سنڌ سمايل آهي ۽ پوري ڪائنات جو حسن هن کي سنڌ ۾ نظر ايندو آهي جيئن هو لکي ٿو…. 

ڪائنات جي حُسناڪين ۾

قدرت جي سڀن رنگن ۾ 

تصور جي سهڻن سنگن ۾ 

مون ڏٺو آهي 

۽ وڏڙن کان ٻڌو آهي 

ته ڌرتيءَ جي سيني تي 

ازل کان 

هميشه کان منهنجي سنڌ عظيم آهي

 جنهن جي تاريخ قديم آهي 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.