هندستاني سياسي جادُوگر نئون ڪارنامو انجام ڏيندو

تحرير؛رفيق پٽيل

هندوستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ خطي جي امن ۾ ٻنهي ملڪن ۾ ٿيندڙ  سياست جو به اهم ڪردار آهي.هڪ پُراسرار شخص هندستان جي سياست ۾ غير محسوس انداز ۾ حيرت جوڳي انداز ۾ چونڊ نتيجن تي حاوي آهي، هندوستاني سياست جي اندر ۽ پردي جي پٺيان معاملن جو جائزو وٺندڙ گهڻن ئي هندستاني ۽ غير ملڪي تجزيو ڪندڙ ان ڳالهه تي متفق آهن ته هندستاني بنگال ۾ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ بنگال جي وڏي وزير ممتا بنرجي ۽ سندس سياسي جماعت ترمول ڪانگريس جي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ۾ پرشانت ڪشور ۽ سندس اداري انڊين پوليٽيڪل ايڪشن ڪميٽي جو انتهائي اهم ڪردار هو .

هندستان جي هڪ موقر رسالي نيشنل هيرالڊ جي مطابق گذريل ستن سان کان وڌيڪ عرصي کان هندستاني سياست ۾ پرشانت ڪشور جو نالو گونجي رهيو آهي. ڪجهه ماڻهون کيس پي ڪي ، جي نالي سان به سڏين ٿا.هن 2014 ۾ ڀارتي جنتا پارٽي جي ڪامياب چونڊ مهم هلائي هئي ۽ نريندر مودي کي وزير اعظم بڻائڻ ۾ انتهائي ۽ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. 2015 بهار جي وڏي وزير  نتيش ڪمار جي ڪامياب مهم هلائي ان کي وڏي وزير جي مقام تي پهچايو.جنهن جي اميد گهٽ هئي.ڀارتي پنجاب ۾ ڪيپٽن امريندر سنگهه ، آنڌرا پرديش ۾ جگن موهن ريڊي جڏهن ته تامل ناڊو ۾ ڊي ايم ڪي ، جي سربراه ايم ڪي اسٽالن کي ڪامياب بنائي چڪو آهي،اها پرشانت ڪشور جي جادوگري هئي جو هن ڀارتيه جنتا پارٽي ۽ نريندر مودي کي انتهائي بلند مقام تي پهچائي ڇڏيو.ٻئي پاسي بي جي پي، جي شدي ترين مخالف سياسي جماعت ترمول ڪانگريس کي شديد ترين رڪاوٽن باوجود شاندار ۽ حيرت انگيز ڪاميابي ڏياري.وڌيڪ حيرت جي ڳالهه اها آهي ته هندوستان جي ٻي وڏي سياسي جماعت ڪانگريس جي سربراهه سونيا گانڌي ان جي صاحبزادي راهول گانڌي ۽ صاحبزاديءَ پريانڪا گانڌي سان به سٺا لاڳاپا آهن ۽ وزيراعظم نريندر مودي سان  به لاڳاپا آهن. ان ڳالهه جو امڪان آهي ته بنگال ۾ ناڪامي جي ڪري هاڻي پرشانت ڪشور مان اڳي وانگر خوش نه هوندو.

هندستاني سياست ۾ پرشانت ڪشور جو عمل دخل  جي شورعات به انتهائي پُراسرار نوعيت جي آهي. هو 2011 م گڏيل قومن ۾ ڪم ڪري رهيو هو.هن گجرات جي غربت ۽ عام ماڻهون جي لاءِ خوارڪ جي کوٽ جي باري م هڪ دستاويز تيار ڪيو، جنهن جي اشاعت کانپوءِ هن کي هندستان گهرائي ڪري ان وقت جي وڏي وزير نريندر مودي سان ملاقات ڪرائي ان جي ٽيم ۾ شامل ڪرايو ويو.آهستي آهستي هو وڏي وزير نريندر مودي جي ويجهو ٿي ويو. هن 2014 جي سموري چونڊ مهم ۽ سياسي  حڪمت عملي تيار ڪئي. ان جو نتيجو اهو نڪتو  جو، بي جي پي هندستان جي سڀني کان وڏي سياسي جماعت جي صورت ۾ سامهون آئي. ان وقت ان  هڪ ادارو جوڙيو جنهن جو نالو سٽيزن فار اڪائونٽيبل گورننس هو. ان بعد نالو تبديل ڪري انڊين پوليٽيڪل ايڪشن ڪميٽي رکيو ويو.پرشانت ڪشور دهلي جي وڏي وزير اروند ڪچري وال جي چونڊ مهم هلائي ۽ اهڙي وقت ۾ هن جي  سياسي جماعت عام آدمي پارٽي کي ڪاميابي ڏياري.جڏهن بي جي پي، جو سياسي طوفان سموري هندستان تي حاوي ٿي ويو هو.هن جو اهم ترين ڪارنامو ممتا بنرجي . جي جماعت کي ڪاميابي ڏيارڻ هو.هي اهو وقت هو جڏهن بنگال جي لوڪ سڀا (مرڪزي اسيمبلي) جي چونڊ ۾ ترمول ڪانگريس کي ڳڻپ جوڳي ڪاميابي نه ٿي هئي ۽ بي جي پي، بنگال فتح ڪرڻ جر مڪمل تياري ڪري ورتي هئي. اڃان صوبائي چوندن جو اعلان ئي نه ٿيو هو جو  ترمول ڪانگريس کي ٽوڙڻ ۽ ان جي اهم اڳواڻن کي بي جي پي، ۾ شامل ڪرڻ  جو عمل شروع ڪري ڇڏيو. چونڊ مهم جي شروع ٿيڻ سان ئي مذهبي جذبن کي اڀاريو ويو. بي جي پي، جا ڪيترا ئي  وفاقي وزير جن ۾ وفاقي وزير داخلا  ۽ بي جي پي،  جو صدر اميت شاهه شامل هو، انهن کانسواءِ ڪيترا ئي صوبائي وڏا وزير ۽ انهن جي ڪابينا جا رڪن صوبا ڇڏي ڪري بنگال ۾ اچي  ديرو ڄمائي ويهي رهيا.سموري ملڪ مان بي جي پي ، جا ڪارڪن   ٽرينن ۽ بسن ۾ ڀرجي بنگال پهتا،هندو توا جي نالي تي فساد ڪرايا ويا ترمول ڪانگريس جي ڪارڪنن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو. خود نريندر مودي ميدان ۾ لهي پيو. هن نه رڳو بنگال ۾ ڪيترن ئي جلسن کي خطاب ڪيو پر ممتا بنرجي جو انهن جلسن ۾ مذاق اُڏايو ويو.هو ممتابنرجي ، کي ڪڏهن ممتاز بيگم پئي چيو ته ڪڏهن وري  ديد او ديدي، پئي چيو. ۽ اهو به چيو ته تون بري طرح  هارجي وئي آهين.100 سيٽون به کڻي نٿي سگهين. سمورو هندوستاني ميڊيا بي جي پي ، جي ڪاميابي جي اڳ ڪٿي ڪرڻ لڳو پر  جڏهن پرشانت ڪشور کان ميديا وارن نتيجن بابت سوال تي، هن جو جواب هو ته جيڪڏهن بي جي پي، سئو سيٽن تائين پهچي وئي ته هو هميشه جي لاءِ  پنهنجي ڪم تان هٿ کڻي ويندو.نتيجن جي مطابق ترمول ڪانگريس 292 مان 215 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي.بي جي پي ۽ ان جي اتحادين 77  سيٽون مس کنيون، يعني اهو ڪجهه ٿيو جنهن جيڪا ڳالهه پرشانت ڪشور ڪئي هئي،في الحال پرشانت ڪشور پاڻ پنهنجي اداري کان جدا ڪري ڇڏيو آهي،پرشانت ڪشور بنگال جي اليڪشن کان پوءِ سونيا گانڌي، پريانڪا گانڌي ۽ ڪانگريس جي  مرڪزي قيادت سان تفصيلي ملاقاتون ڪيون آهن. انهن کي ايندڙ وقت جي لاءِ لائحه عمل جو فارمولا پيش ڪيو ،هن ڪانگريس م شامل ٿيڻ پئي چاهيو پر ان فارمولا کي قبول ڪرائڻ ۾ ناڪامي کانپوءِ هن ڪانگريس ۾ شامل ٿيڻ جو خيال ذهن مان  ڪڍي ڇڏيو.هن وقت هو خاموشي سان حالتن جو جائزو وٺي رهيو آهي، هن جو چوڻ آهي ته ڪانگريس 1985 کانپوءِ زوال پذير آهي. ان  جي تنظيمي ڍانچي ۽ فيصلن واري طريقيڪار  جي عمل کي تيز  رفتار بڻائڻو پوندو.دهلي ۾ قيادت  جي مرڪزيت کي هيٺين سطح تي آڻڻو پوندو. هن وقت پرشانت ڪشور خاموشي سان تماسو ڏسي رهيو آهي.پرا يندڙ چونڊن تائين هو ضرور ڪو نئون ڪارنامو سرانجام ڏيندو.جيڪو هندوستاني سياست ۾ ڪو وڏو ڌماڪو به ٿي سگهي ٿو. جنهن جا اثر پاڪستان ۽ خطي تي به پئجي سگهن ٿا.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.