ملڪ ۾عوامي هلچل ۽ لانگ مارچ واري للڪار !

تحرير؛علي محمد ميمڻ

ملڪ ۾رانديگرن واري وفاقي ۽ پنجاب جي صوبائي سرڪار خلاف عوامي هلچل ۽ لانگ مارچ وارا سلسلا شروع ٿيڻ وڃي رهيا آهن،  وزير اعظم عمران خان ۽ ان جي طرفدارن لاءِ ايندڙ وقت تمام ڏکيو ۽ ايندڙ مهينن ۾ حڪومت لاءِ وڏين وارين آزمائشن وارا آهن. ملڪ ۾ مهانگائي، بيروزگاري، عوام جي بدحالي ۽ ادارن جي تباهه حالي واري سونامي ۽ ٻوڏ جو مٿي کان مٿي وري وڃڻ بعد هاڻي ملڪ جون حالتون هڪ هڪاڻي ڪرڻ  واري پاسي وڃي رهيون آهن. آخرڪار عوامي هلچل وارو سلسلو شروع ٿيڻ وڃي رهيو آهي. ملڪ جي سڀ کان وڏي تحريڪي جماعت، پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان 5 جنوري تي ذوالفقار علي ڀٽو شهيد جي 94هين سالگرهه جي موقعي تي لاهور ۾ ڪوٺايل پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪاميٽي جي اجلاس ۾ وڏا جيڪي وڏا فيصلا ڪيا ويا آهن انهن بابت پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ميديا بريفنگ موجب 27 فيبروري 2022ع کان قائد اعظم جي مزار باغ جناح ڪراچي کان اسلام آباد تائين لانگ مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. انهي کان علاوهه قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾حڪومت طرفان نئون مالياتي بل يا مني بجيٽ منظوري لاءِ پيش ڪرڻ جي موقعي تي ايوان جي اندر احتجاج  ۽  پارليامينٽ جي ٻاهر پڻ ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ، اهڙي ريت، لانگ مارچ کان اڳ ئي ملڪ جي سمورن صوبن ۾ حڪومت خلاف احتجاج جو سلسلو شروع ڪرڻ جا انتظام پڻ ڪيا پيا وڃن.

هوڏانهن، پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي صدر مولانا فضل الرحمن طرفان پڻ هن کان اڳ ڪيترائي ڀيرا لانگ مارچ جا اعلان ڪرڻ بعد اهي ملتوي ڪيا ويندا رهيا آهن پر  تازي ڪيل اعلان موجب 23 مارچ تي اسلام آباد  ۾لانگ مارچ ڪرڻ جو اعلان ضرور ڪيو ويو آهي پر ان بابت تفصيلي پروگرام اڃا تائين جاري نه ڪيو ويو آهي ۽ ان اتحاد جي صفحن ۾ اڃا تائين خاموشي ڇانيل آهي.جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ پنهنجي لانگ مارچ ۽ حڪومت خلاف عوامي هلچل شروع ڪرڻ جي حوالي سان تمام گهڻو جوش خروش محسوس ڪيو پيو وڃي. پيپلز پارٽي طرفان لانگ مارچ جي ڪيل فيصلي موجب اهو لانگ مارچ ڪراچي کان شروع ٿيڻ بعد  سنڌ جي مختلف ضلعن کان ٿيندو ، پنجاب ۾ داخل ٿيندو. پنجاب ۾پڻ پاڪستان پيپلز پارٽي هاڻي گهڻو متحرڪ ۽ وڌيڪ منظم ٿي رهي آهي ۽ پنجاب ۾ هن جماعت جي بحالي لاءِ تحريڪي سرگرميون يقيني طور تي  پارٽي جي ووٽرن، حامين ۽ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي وڌيڪ متحرڪ ڪرڻ ۽ عوامي رابطا مهم وڌائڻ ۾  پڻ بي حد مددگار ٿي سگهي ٿي. جڏهن ته ٻئي پاسي  آزاد ڪشمير ، گلتگت بلتستان ۽ خيبر پختونخوا مان پيپلز پارٽي جا جلوس اسلام آباد پهچي لانگ مارچ ۾ شامل ٿي سگهن ٿا. يعني ملڪ ۾ هڪ ڀيرو وري ترقي پسندن ۽ جمهوريت پسند ڌرين جي تحريڪ ڊگهي مدت بعد وري تحريڪ شروع ٿيڻ وڃي رهي آهي.

پاڪستان جي سياسي اتحادن جي حوالي سان ملڪ ۾ مخالف ڌر جون جماعتون ٻن حلقن يا حصن ۾ ورهايل آهن، ملڪ جون ٻه وڏيون جماعتون پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي پي ڊي ايم جي اتحاد کان ڌار ٿي چڪيون آهن ۽ هو پنهنجي سياست ۽ فيصلن ۾ آزاد آهن. پر ٻئي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان پارليامينٽ جو پليٽ فارم سمورين سياسي ڌرين کي يڪجا ڪرڻ ۾ ڪاميابي سان ڪارگر بڻايو آهي ۽ پارليامينٽ ۾ مخالف ڌر جي جماعتن جي پارلياماني اتحاد کي قومي اسيمبلي ۾ قائد حزب اختلاف ۽ مخالف ڌر جي ٻن وڏين جماعتن مسلم ليگ ن جو صدر ميان شهباز شريف ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳواڻي ڪري رهيا آهن ۽ پارليامينٽ ۾ عوامي نيشنل پارٽي ۽ پي ڊي ايم ۾ شامل سموريون پارلياماني جماعتون پڻ شامل آهن. يقينني طور تي پي ڊي ايم ۾ گروهه بندين ۽ نفاق واري عمل کي پارليامينٽ ۾ اتحاد ۽ اتفاق لاءِ ڪاميابي سان استعمال ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري پي ڊي ايم عملي طور تي صرف ڊرائنگ رومن جي گڏجاڻين ۽ ڪاغذن ۾ باقي رهي آهي ۽ مخالف ڌر جي جماعتن جي عملي سياست ۽ گرينڊ الائنس يا اتحاد، پارليامينٽ ۾ قائم ڪيو ويو آهي، جنهن مان پاڻ پي ڊي ايم جو صدر مولانا فضل الرحمان، مسلم ليگ جو قائد ميان نواز شريف، مريم نواز ۽ پارليامينٽ کان ٻاهر وارا گروهه، شخصيتون ۽ بت  پڻ ٻاهر ٿي ويا آهن. اهڙي ريت، هاڻي ملڪ جي سياست ۽ هلچل وارا معاملا پارليامينٽ اندر  موجود  قيادت ۽ جماعتن جي هٿن ۾آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان پنهنجي شروع ٿيندڙ عوامي هلچل ۽ لانگ مارچ جي حوالي سان پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهر موجود سمورين سياسي جماعتن کي شريڪ ۽ شامل ڪرڻ لاءِ دعوتون ڏيڻ جي پڌرائي سامهون آئي آهي، جنهن سان امڪان آهي ته، اها سياسي تحريڪ ۽ وڏو لانگ مارچ حڪومت کي لوڏڻ واري طاقت حاصل ڪري سگهي ٿو.

ملڪ جي تازي سياسي ۽ حڪومت صورتحال جي حوالي سان سياسي تجزيه نگارن، دانشورن ۽ ساڃاهه وندن ۽ سياسي ڪارڪنن جي ذهنن ۾ هن وقت هي سوال پيدا ٿي رهيا آهن ته،  رانديگرن واري حڪمراني ۽ وزير اعظم عمران خان واري حڪومت جو چوٿون سال هلي رهيو آهي ۽ ايندڙ پنجون سال ملڪ ۾ عام چونڊن وارو سال پڻ آهي ته پوءِ  ڇا هيءَ حڪومت پنهنجو پنجن سالن وارو مدو پورو ڪري سگهندي يا وقت کان اڳ ئي ان کي لاٿو ويندو . اهو ڳالهه پڻ غور طلب آهي ته،2023ع واري عام چونڊن جا نتيجا ڪهڙا ٿا اچن ۽ ملڪ جي ڪهڙي جماعت کي ٿي اڪثريت ملي يا ڪهڙين جماعتن جي گڏيل حڪومت ٺهي ٿي ؟، اهو فيصلو وري به عوام کي ئي ڪرڻو آهي ته پوءِ هن پاڻمرادو ڊهندڙ حڪومت کي ڊاهڻ ۽ مظلوم بنجڻ جو موقعو ڏيڻ سان ڪنهن سياسي جماعت کي آخر ڪهڙو فائدو ٿيندو ؟، ائين نه ٿئي ته، وري به 2018 واري عام چونڊن واري جادوگري ٿي وڃي ۽ کٽندڙ جماعتون هارائي وڃن ۽ وري به  هارايل رانديگر وري به پنجن سالن لاءِ آڻي حڪومت ۾ نه وهاريا وڃن ؟  اهو معاملو پڻ يقينن خبرداري ۽ هوشيار رهڻ وارو آهي.

بيشڪ ! اسانجي ملڪ ۾عوام جي حڪمراني ۽ پارلياماني جمهوريت  جو ماضي تمام گهڻو اڻوڻندڙ رهيو آهي. ملڪ جي منظر نامي تي حاضر ۽ غائب قوتن طرفان  حڪومتون ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ واري کيل واري تاريخ تمام گهڻي  ڳڻتي واري رهي آهي، جنهن ۾ غير سياسي قوتن هٿان هار ۽ شڪست هميشه جمهوري تحريڪن ۽ سياسي جماعتن جي ٿيندي رهي آهي ۽ هل هنگامن واري صورتحال مان وري به مهرا، رانديگر، ڪٺ پتليون ڪامياب ڪرايون وينديون رهيون آهن. ملڪ کي تباهي ۽ بربادي واري کائيءَ مان ٻاهر ڪڍڻ وارا سوال ۽ فرض يقينن، هرهڪ  سياسي جماعت ۽ خاص طور تي ترقي پسند  ۽ جمهوري فڪر ۽ ساڃهه وارن حلقن، جماعتن ۽ ڪارڪنن لاءِ قومي جياپي لاءِ فطري جدوجهد جي صورت ۾ ضروري فرض طور هر وقت اڀري سامهون ضرور اچي وڃن ٿا. اهڙي قسم جي فرضن جي ادائيگي لاءِ ملڪ جي عوام ۽ سياسي جماعتن جي جدوجهد ۽ جانين جي قربانين، جيلن ، وڇوڙن، صدمن ۽ سورن جي هڪ ڊگهي تاريخ رهي آهي. پر اها به حقيقت آهي ته، بي حساب قربانين ۽ ورهين جا ڊگها فاصلا ۽ سفر طي ڪرڻ بعد حالتون وري به ساڳين هنڌ ۽ مقام تي واپس پهچي وڃن ٿيون جتان سفر شروع ڪيو ويو هو . اهڙي قسم جي صورتحال کي عوامي شاعر حبيب جالب جي شاعري ۾ خوب بيان ڪيو ويو آهي ته،

 

ڪهان قاتل بدلتي هين، فقط چهري بدلتي هين

عجب سفر هي اپنا ڪه،  فاصلي بهي ساٿ چلتي هين !

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.