سيتاروڊ ۾ ميڊيڪل جي شاگردياڻي جو بليڪ ميلنگ تان آپگهات

دادو(رپورٽ: عزيز احمد ملڪ) سيتاروڊ ۾ ميڊيڪل جي شاگردياڻي بليڪ ميلنگ کان تنگ اچي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو، شاگردياڻي عصمت جميل طور جو گولي لڳل لاش سندس گهر مان مليو، رپورٽ موجب سيتا روڊ جي وارڊ نمبر 8 جي رھواسي دڪاندار جميل احمد طور جي نياڻي ڊاڪٽرعصمت طور پنهنجي گھر اندر مبينا طور بندوق جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي، اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سيتا صحت مرڪز منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروئي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، خودڪشي ڪندڙ شاگردياڻي جي ڀاءُ نادر طور چيو ته اسين سڀ گهر ڀاتي ستا پيا هئاسين ته صبع جو تقريبن 9 وڳي فائر جي آواز تي اٿياسين ته ڀيڻ ڪمري ۾ خودڪشي ڪري ڇڏي، جڏهن ته پوليس جو چوڻ هو ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، پوسٽ مارٽم بعد خبر پوندي ته واقعو خودڪشي آهي يا قتل؟ پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي جو چوڻ آهي ته ناري کي ويجهي کان گولي لڳل آهي، لڳي ٿو ته واقعو آپگهات آهي، اصل ڪارڻ حتمي رپورٽ اچڻ بعد ئي پتو پوندو، ٻي طرف شاگردياڻي جو خط سامهون آيو آهي جنهن ۾ لکيل آهي ته بابا اوهان وڏي خدمت ڪئي پر شمن جي بليڪ ميلنگ جي ڪري آپگهات ڪريان ٿي، ياد رهي ته واقعي کان هڪ ڏينهن اڳ شاگردياڻي جي پيءُ جميل سيتا روڊ ٿاڻي تي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو، جنهن ۾ شاگردياڻي جي والد موقف اختيار ڪيو ته ڌيءُ کي جوابدار شمن سولنگي ڪوڙو نڪاح نامو ٺهرائي بليڪ ميل ڪري رهيو آهي، جوابدار مختلف وقتن تي ڌيءُ کان پئسا به گهريا هئا، 2 هفتا اڳ شمن سولنگي کي فائرنگ ۾ گوليون لڳيون، اسان مٿس حملو نه ڪرايو هو، اُن باوجود هن اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون، هوڏانهن پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، وومين پروٽيڪشن سيل جي انچارج بينظير جمالي ۽ سي آءِ اي انچارج اشرف شاهاڻي وارثن جا بيان ڪيا ۽ جاچ ٽيم واقعي ۾ استعمال ٿيل پسٽل، شاگردياڻي جي ڊائري، ليپ ٽاپ ۽ موبائل فون تحويل ۾ وٺي ڇڏيا آهن، وومين پروٽيڪشن سيل جي انچارج بينظير جمالي جو چوڻ آهي ته واقعو ظاهري طور خودڪشي پيو لڳي، وڌيڪ گهڻ رخي جاچ ڪئي ويندي، شاگردياڻي عصمت طور کي بليڪ ميل ڪندڙ گروھ جي هڪ جوابدار لکمير کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن کي جعلي نڪاح نامي ۾ شاهد طور ڏيکاريو ويو آهي، جڏهن ته مک جوابدار شمن سولنگي گرفتار نه ٿي سگهيو، شاگردياڻي عصمت جوابدار شمن جي اڪائونٽ ۾ پئسا به ٽرانسفر ڪيا، شاگردياڻي جي پيءُ خالد جميل جي فرياد تي شمن سولنگي، لکمير ۽ ٻين خلاف اهڙي ايف آءِ آر به داخل ڪرائي وئي آهي، ٻي طرف پوليس ڪچي واري علائقي ۾ ڇاپو هڻي نڪاح پڙهائيندڙ مولوي ادريس شر کي پڻ گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته مک جوابدار شمن سولنگي واري ڌر گهر خالي ڪري فرار ٿي وئي آهي، ياد رهي ته عصمت طور پيپلز ميڊيڪل ڪاليج نواب شاھ ۾ ايم بي بي ايس چوٿين سال جي شاگردياڻي هئي، امتحان ڏيڻ بعد 2 ڏينهن پنهنجي ڀاءُ سان گڏ نوابشاهه کان سيتاروڊ آئي هئي، ڪالهه صبح جو پاڻ تي مبينا طور فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.