سنڌ سرڪار نين ايمبولنسن سميت ڊجيٽل مشينري اسپتالن ۾ پهچائي

مٺي:سنڌ حڪومت چيف جسٽس جي ڊپ وچان نينايمبولنسن سميت ڊجيٽل مشينري اسپتالن ۾ موڪلي ڇڏي،انتظاميا ڏينهن ۽ رات هڪ ڪري شهرن ۽ اسپتالن کي بهتر بڻايو،اسپتالن ۾ گُل رکيا ويا،جديد ۽ ڊجيٽل مشينري رکي وئي،ڪروڙين روپيا خرچ ڪيا ويا،انتظاميا مسلسل ٿرٿلي ۾ نظر آئي،پر چيف جسٽس اسپتالن سميت ٻي ڪنهن به هنڌ جو دورو نه ڪيو،

  • چيف جسٽس جي فيملي سنت نيڻو رام جو آشرم گهمي ڏٺو

مٺي:چيف جسٽس جسٽس گلزار احمد  جي فيملي اسلام ڪوٽ ۾ سنت نيڻورام جو آشرم گُهمي ڏٺو،جنهن بعد چيف جسٽس جي فيملي ٿرڪول بلاڪ ٽو تي پهچي دورو ڪيو،

  • چيف جسٽس جي پينٽنگ ڪندڙ نينگر سان ملاقات

مٺي:چيف جسٽس جي تصوير ٺاهيندڙ نينگر جي خواهش پوري ٿي وئي،بار جي اڳواڻن پاران نينگر طوطا رام ميگهواڙ کي چيف جسٽس گلزار احمد سان ملائي ورتو،جنهن بعد نينگر پاران پنهنجي هٿ جي محنت سان پينسل ذريعي ٺاهيل تصوير چيف جسٽس کي تحفي طور پيش ڪئي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.