مڪاني بل واپس وٺڻ تائين تحريڪ جاري رهندي: اسٽيئرنگ ڪميٽي

حيدرآباد(رپورٽر) پيپلز پارٽي جي حڪومت پاران نئين آندل بلدياتي ترميمي بل خلاف جوڙيل اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اڳواڻن سردار عبدالرحيم، حسنين مرزا، محمد حسين، جاويد حنيف ۽ بلال غفار حيدرآباد پريس پريس ڪلب ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي واضح ڪيو آهي ته جيستائين تازو آيل بلدياتي ترميمي بل واپس نه ورتو ويندو، تيستائين سندن تحريڪ جاري رهندي، 12 جنوري تي سڄي سنڌ ۾ ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو. پريس ڪانفرنس دوران ڳالهائيندي سردار عبدالرحيم چيو ته پيپلز پارٽي پاڻ کي هتي طاقتور سمجهي ٿي پر اسان کيس ياد ڏياريندا هلون ته ٻٽي بلدياتي نظام کي حيدرآباد کان شروع ٿيل تحريڪ ئي ختم ڪرايو هو. هن چيو ته پيپلزپارٽي نئين بلدياتي نظام ذريعي وڏي بجيٽ هڙپ ڪرڻ چاهي ٿي، ان سلسلي ۾ اسان سياسي پارٽين وٽ وينداسين، واپارين جو به اسان سان ڀرپور ساٿ آهي. بلال غفار چيو ته بلدياتي ترميم بل جي خلاف باقاعده طور تي گڏيل احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.