مري ۾ انتظامي ڪوتاهي، هوٽل مالڪن جي بي حسي سبب 22 سياح فوت، فوج طلب

اسلام آباد (م ڊ) مري ۾ شديد برفباري سبب هزارين ماڻهو روڊن تي ڦاسي پيا، جڏهن ته سخت سيءَ ۽ ساهه منجهڻ سبب هڪ خاندان جي 8 ۽ ٻئي خاندان جي 5 ڄڻن سميت 21 ڄڻا فوت ٿي ويا،انتظاميا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته واقعي ۾ اسلام آباد پوليس جو 49 ورهين جو اي ايس آءِ ۽ ان جي خاندان جا 7 ڀاتي به فوت ٿي ويا، جن ۾ اي ايس آءِ جي 43 ورهين جي گهرواري، سندس 4 ڌيئرون ۽ 2 پٽ شامل آهن.سانحي ۾ هڪ ٻئي خاندان جا 5 ڄڻا به فوت ٿي ويا، جن ۾ 46 ورهين جو محمد شهزاد پٽ اسماعيل، ان جي گهرواري ۽ 3 ٻار شامل آهن،ٻين فوت ٿيلن ۾ ڪمال آباد سان واسطو رکندڙ 27 ورهين جو زاهد پٽ ظهور، گوجرانوالا سان واسطو رکندڙ 31 ورهين جو اشفاق پٽ يونس عمر، لاهور واسي 31 ورهين جو معروف پٽ اشرف به شامل آهن،مري انتظاميا موجب 22 ورهين جو اسد پٽ زمان شاهه، 21 ورهين جو بلال پٽ غفار عمر، 24 ورهين جو محمد بلال حسين پٽ سيد غوث خان به سانحي ۾ زندگي جي جنگ هارائي ويا.هوڏانهن گهر وزير شيخ رشيد ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ فوج ۽ سول آرمڊ فورسز کي طلب ڪري ورتو ۽ مري ۾ فضائي آپريشن جي تياري شروع ڪئي وئي آهي،ضلعي انتظاميا جي ترجمان موجب مري ۾ ٽريفڪ ۾ ڦاٿل 23 هزار کان وڌيڪ گاڏين کي ڪڍيو ويو آهي، جڏهن ته اڃا به سوين گاڏيون ڦاٿل آهن.ٻئي پاسي پنجاب حڪومت مري کي آفت سٽيل قرار ڏيندي ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، وڏي وزير عثمان بوزدار سرڪاري ريسٽ هائوس ۽ آفيسون سياحن لاءِ کولڻ جي هدايت ڪئي آهي، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته مري ۾ ڦاٿل سياحن کي محفوظ هنڌن تائين پهچائڻ لاءِ پاڪ آرمي، ايف سي ۽ رينجرز کي طلب ڪيو ويو آهي، هن ٻڌايو ته گذريل پندرنهن کان ويهه سالن کانپوءِ شهرين جي هڪ وڏي انگ برفباري جي سيزن ۾ مري ۽ گليات جو رخ ڪيو آهي ، آءِ ايس پي آر موجب مريءَ ۾ شديد برفباريءَ سبب بند ٿيل جهيڪا گلي گهڙيال ۽ ايڪسپريس وي کي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو آهي. آرمي انجنيئرز ۽ فرنٽيئرز ورڪس آرگنائيزيشن، ايف ڊبليو او جي جٿن، ڊوزرز ۽ ٻين ڳرين مشينن سان رستي کولي ڇڏيا آهن. جهيڪگا گلي، کلڊنه روڊ کولڻ لاءِ آرمي انجنيئرز جا جٿا مصروف آهن. ٽريفڪ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي کاڌو ۽ ٻيو ضروري سامان پڻ فراهم ڪيو پيو وڃي. برفباري ۾ ڦاٿل ماڻهن کي آرمي پبلڪ اسڪول کلڊنه ۾ ڇت ۽ خوراڪ لاءِ منتقل ڪيو ويو آهي، اسلام آباد جي ڊپٽي ڪمشنر حمزه شفقات چيو آهي ته اسلام آباد کان مري ويندڙ سمورا رستا گذريل ڏينهن کان بند ڪيا ويا آهنوزيراعظم عمران خان مريءَ ۾ رستن تي سياحن جي افسوسناڪ فوتگين تي صدمي ۽ ڏک جو اظهار ڪندي ان جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن جاري ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته کيس مريءَ ۾ سياحن جي فوتگين سبب سخت صدمو پهتو آهي، غيرمعمولي برفباري ۽ موسم جي صورتحال ڄاڻڻ کانسواءِ عوام پاران مريءَ ڏانهن وڃڻ سان اها صورتحال پيدا ٿي، غيرمعمولي صورتحال ضلعي انتظاميا کي به تياري جو موقعو نه ڏنو. جاچ ڪرائي ويندي، هوڏانهن شهرين چيو ته انتظامي نااهلي ۽ هوٽل مالڪن پاران هڪ ڪمري جو ڪرايو 50 هزار طلب ڪرڻ تي سياحن گاڏين ۾ ئي رهڻ کي ترجيح ڏني، ان سبب ئي سانحو ٿيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.