نوشهري ڀرسان اسڪول جي ڇت ڪري پئي، شاگردن ۾ ڀاڄ، احتجاج

نوشھرو فيروز (رپورٽ:  ايم ظفر تڳر) نوشھرو فيروز  ڀرسان ڳوٺ عبدالڪبير ڦل ۾ اسڪول جي ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي شاگردن ڀڄي جان بچائي ورتي شاگردن ۾ خوف حراس ڇانيل تعليم کاتي جا ڪامورا اگھور  ننڊ ستل  ڳوٺاڻن جو   احتاجي مظاهرو  مظاھرين  استاد علي محمد ڦل، محمد خان ڦل، عبدالخالق ڦل،  ولي محمد ڦل، يار محمد بروهي، عرفان علي ڦل، گلڻ سومرو، محمد خان ڀنڀرو ۽ ٻين  چيو ته اسان جي ڳوٺ عبدالڪبير ڦل پرائمري اسڪول ۾ سوين ٻار تعليم وٺن ٿا، ان جي بلڊنگ تمام گھڻي زبون ٿي وئي آھي، وڏا وڏا چاپڙ ڪرن ٿا ڪيڏي مھل به ڪو جاني نقصان ٿي سگھي ٿو، ان ڪيترا ڀيرا ايجو ڪيشن آفيسرن کي درخوستون ڏنيون آھن پر اسان جي ڪو به ٻڌي نه ٿو ڪجهھ به ٿيو ان جا ذميوار تعليم جا ڪامورا ھوندا، اسڪول ۾ فرنيچر نه آھي ننڍڙا ٻار وڻن ھيٺ پٽ تي  ويھي تعليم پرائين ٿا  ڪيترا دفعا اسان آفيسرن کي ان لاءبه درخواستن ڏنيو آھن پرآفيسرن جي ڪن تي جونءَ به ڪا نه ٿي سري، هنن تعليم جي وزير ۽ سنڌ جي وزير اعليٰ سيد مراد علي شاھ کان مطالبو ڪيو آھي ته خدارا خدا جي واسطي  اسان سان انصاف  ڪيو ۽ ڳوٺ عبدالڪبير ڦل جي پرائمري اسڪول کي نئين بلڊنگ ۽ فريچر ڏنو ڏني وڃي ته جيئن معصوم ٻار آسانيءَ سان تعليم پرائي سگھن ۽ ٻار ڪنھن جاني نقصان کا بچي سگھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.