ٿر جي عوام کي تعليم، صحت، پاڻي ۽ روزگار جا ذريعا ڏنا ويندا: چيف جسٽس

 

مٺي (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته ٿرپارڪر جي عوام کي تعليم، صحت، پاڻي ۽ روزگار جا ذريعا ڏنا ويندا ۽ انهن جي زمينن جي حفاظت ڪئي ويندي.

مٺي بار ايسوسيئيشن جي تقريب سان خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته پنهنجي عهدي تائين جيڪو ڪم ڪرڻو هوندو، ڪري ويندس، ملڪ جو آئين ئي ملڪ کي متحد رکي ٿو.

هن چيو ته ٿر جي ماڻهن کي انهن جو حق ضرور ملندو، انهن کي حق نه ڏيڻ جو ڪو جواز ناهي، مان سڄو پاڪستان گهميو آهي پر سڀ کان وڌيڪ دل ٿر ۾ لڳندي آهي، مان هتان جي رنگن ۽ ثقافت کان ڏاڍو متاثر آهيان، هتي ڪيترائي قدرتي وسيلا آهن.

سندس چوڻ هو ته ٿر ۾ وڪيلن جا به مسئلا آهن، ڊي سي سان ٿرپارڪر جي معاملي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ٿرپارڪر ۾ مذهبي سياحت جا وڏا موقعا آهن.

چيف جسٽس چيو ته حڪومت جو اهو ڪو ٿورو ناهي ته عوام کي بنيادي سهولتون ڏئي، بنيادي سهولتون ٿر جي عوام جو حق آهي، نه ڏيڻ ڏوهه آهي، بنيادي حق آهي، جيڪي آئين تحت ڏنا ويا، ٿر جي عوام کي محروم رکيو ويو ته ملڪ جي خدمت نه ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.