تعليمي ادارن جي بندش بابت شفقت محمود جو انتهائي اهم بيان

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) تعليم بابت وفاقي وزير شفقت محمود جو تعليمي ادارن جي بندش بابت انتهائي اهم بيان سامهون اچي ويو.

سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شفقت محمود چيو ته ڪورونا وبا دوران اسان سڀ فيصلا بين الصوبائي تعليمي وزيرن جي ڪانفرنس تحت ڪيا آهن ۽ هاڻ به گڏجي ڪنداسين.

هن چيو ته هر صوبي جي صورتحال مختلف آهي پر جيڪڏهن حالتون وڌيڪ خراب نه ٿين ته اسان جي ڪوشش ۽ خواهش اها ئي آهي ته تعليمي ادارا کليل رهن پر جيڪڏهن حالتون وڌيڪ خراب ٿيون ته اسان کي تعليمي ادارا بند ڪرڻا به پئجي سگهن ٿا.

سندس چوڻ هو ته اڄ صوبائي ايڊوائزري ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي اسيمبلي جي تڪ ۾ تنظيم ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

شفقت محمود چيو ته پارٽي ۾ ضلعي، تعلقي ۽ تڪ جي بنياد تي تنظيم سازي ڪئي ويندي، ورڪرن کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته اسان انهن سان گڏ آهيون، نيبرهڊ ڪائونسل، صوبائي اسيمبلي تڪ ۽ ضلعي سطح تي تنظيم ٺاهي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.