مري ۾ 10 سالن دوران رڪارڊ برفباري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مري ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 17 انچ برفباري رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کي 10 سالن دوران رڪارڊ برفباري قرار ڏنو پيو وڃي.

موسميات کاتي موجب مري ۾ 3 جنوري کان هيل تائين 32 انچ برفباري رڪارڊ ڪئي وئي آهي ۽ 94 ملي ميٽر برسات به رڪارڊ ڪئي وئي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته مري ۾ هن وقت پارو ڪاٽو هڪ آهي ۽ شهر ۾ وڌيڪ برسات ۽ برفباري جو به امڪان آهي.

موسميات کاتي جو ٻڌائڻ آهي ته اڄ صبح کان به مري ۾ هلڪي برفباري جاري آهي، جيڪا سڀاڻي صبح تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي پر سڀاڻي منجهند تائين برفباري جو سلسلو ختم ٿي سگهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.