هيٽي ۾2 صحافي قتل، ٽئين ڀڄي جان بچائي

پورٽ او پرنس (اي پي پي) هيٽي جي گادي واري شهر پورٽ او پرنس جي پسگردائي ۾ هٿياربند گينگ ٻن صحافين کي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته ٽيون صحافي حياتي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي  ويو. فرانسيسي خابرو اداري ريڊيو ايڪويٽ ايف ايم جي جنرل ڊائريڪٽر جي بيان جي حوالي سان ٻڌايو ته گذريل ڏينهن هيٽي ۾ هٿياربند گينگ ٻن صحافين کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ سندن ٽيون ساٿي اتان ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هن چيو ته اسان ان مجرماڻي عمل جي مذمت ڪيون ٿا. ميڊيا اداري هيٽي سرڪار کان سيڪيورٽي بهتر ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي. پورٽ او پرنس ۾ قائم سينٽر فار ايناليسز اينڊ ريسرچ ان هيومن رائيٽس مطابق هيٽي ۾ 2021ع ۾ اغوا جون 950 وارداتون رڪارڊ ڪيون ويون.  واضح رهي ته ڇهه مهينا اڳ ان وقت جي صدر جونيئل موئس کي پورٽ او پرنس ۾ سندس نجي رهاشگاه ۾ قتل ڪيو ويو هو، جنهن سان سياسي ۽ سلامتي جي بحران ۾ اضافو ٿيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.