گم ٿيل ڪارڪنن جي آزادي لاءِ فيض گنج ۾7 ستين ڏينهن احتجاج

فيض گنج (رپورٽ : امتياز شر) گم ٿيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ ستي ڏينهن ڪيمپ جاري سردي روڊ تي پاڻي هجڻ باوجود وارثن قومي ڪارڪنن ڪيمپ ۾ بيٺل رهيا پنهنجي پيارن جي آزادي لاءِ اڀ ڏاريندڙ نارا ڊاڪٽر نظير سميت سياسي سماجي اڳواڻن جي ڪيمپ تي شرڪت بيگناھ ڪارڪنن کي کڻي گم ڪرڻ افسوس جوڳو عمل آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪجي ڪجي گهٽ آهي عالمي ادارا سنڌ بلوچستان جي گم ٿيل ماڻهن جي واپسي لاءِ مدد ڪن سنڌ بلوچستان جي سوين خاندان جي گهرن ۾ پنهنجي پيارن جي واپسيءَ لاءِ گهرن ۾ تڏا وڇايل آهن پر رياست جنهن کي ماءُ جو روپ هوندو آهي اهائي رياست سنڌ بلوچستان جي گم ٿيل ماڻهن تي ظلم ڪري وڌيڪ ماڻهن کي مايوس ڪري پنهنجي ملڪ ۾ پنهنجي خلاف بغاوت پيدا ڪري ٿي عدالتون گم ٿيل ماڻهن جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ماڻهون گم ڪرڻ سان ملڪ جو حالتون خراب ٿي رهيو آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.