پابنديون ختم ڪرڻ جي صورت ۾ ايٽمي معاهدو ٿي سگهي ٿو: ايراني پرڏيهي وزير

تهران (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبدالهيان چيو آهي ته جيڪڏهن اولهه جون طاقتون چاهين ته ايران تي لاڳو پابنديون ختم ڪري سگهن ٿيون ۽ ايٽمي معاهدو ٿي سگهي ٿو. جرمن نشرياتي اداري مطابق هن پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته جيڪڏهن پابنديون ختم ٿين ته ايٽمي معاهدو طئي ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ايران ان ڳالهه جي ضمانت ڏئي ٿو ته ٻيهر پابنديون لاڳو نه ڪيون وينديون.هن چيو ته پابنديون هٽائڻ جو مطلب اهو آهي ته ايٽمي معاهدي جي شرطن ۾ هر قسم جون پابنديون ختم ڪيون وڃن. اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ايران تي لڳل پابنديون معاهدي جي شرطن سان ٽڪراءُ ۾ آهن. هن چيو ته اسان اولهه جي طاقتن سان اهڙي ضمانتن جو مطالبو ڪريون ٿا جن ۾ سموريون پابنديون ختم، ڪنهن به بهاني سان پابنديون کڻڻ سان پوءِ ٻيهر لاڳو نه ڪرڻ آمريڪا جي ٻيهر ايٽمي معاهدي کان نڪرڻ شامل ناهي. ايران جي ايٽمي پروگرام تي 2015ع ۾ طئي ٿيل معاهدي جي بحاليءَ لاءِ آسٽريا جي گادي واري هنڌ ويانا ۾ ڳالهين جو اٺون دؤر جاري آهي جنهن ۾ ايران چاهي ٿو ته ان تي لاڳو آمريڪي پابنديون ختم ڪيون وينديون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.