جبري کنڀي گم ڪرڻ وارو سلسلو!

عامر انصاري

گذريل ڪيترن ئي ورھين کان سنڌ ۽ بلوچستان اندر جبري کنڀي گم ڪيل ماڻھن جو سلسلو ختم ٿيڻ بجاءِ تيزيءَ سان وڌندو پيو وڃي جنھن لاءِ ڪيترائي ڀيرا احتجاج به ڪيا ويا آهن ورھين جا ورھيه ٿي ويا آھن پر اڃا تائين کنڀي گم ڪيل ماڻهن جو ڪو ڏس پتو پئجي ناھي سگھيو. سنڌ ۽ بلوچستان مان مجموعي طور تي سوين، ھزارين ماڻھن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي جن مان ڪجهه آزاد به ٿيا آهن ۽ واپس آيل ماڻهن مان ڪيترائي ھن وقت تائين پنھنجا حواس وڃائي ذھني مريض بڻيل آهن ته وري ڪي سڄي عمر لاءِ چريا ٿي ويا آھن پر اڃا وڏي تعداد ۾ جبري طور گمشده آهن جنھن ۾ سڀ کان وڌيڪَ ننڍي عمر وارا ٻار ۽ وڏي عمر وارا ماڻهو پڻ شامل آهن

جڏهن ته بلوچستان جي قومپرستن جو چوڻ آهي ته ماڻھن سان گڏ اَسان جون نياڻيون به کنڀي گم ڪيون ويون آهن. سنڌ ۽ بلوچستان مان ماڻھن کي کنڀي گم نه ڪيو ويو آهي پر اُنھن مان ڪيترن جا چچريل لاش به ڏنا ويا آهن جن جي پشم جهڙي ڪومل بدن تي ڍل مشين جا سوراخ ۽ سندس جي جسمن تي تيزاب هاري نَنھن ڪڍي تشدد ڪري بيدرديءَ سان روڊن جي اڇلايو وڃي ٿو ڪالهه بلوچستان مان نياڻين کي کنڀو وڃي پيو پر ھاڻي اُن کان وڌيڪَ سنڌ ۾ بدترين حالتون پيدا ٿي ويون آهن ماڻهن سميت نياڻين، مائرن ۽ کير پياڪ ٻارڙن کي بخشيو ڪونه پيو وڃي جيئن گذريل سال 2021ع جي آخري مھيني ۾ پڊعيدن مان ڪامريڊ رستم شر سميت سڄي خاندان کي کنڀي گم ويو جنھن ۾ 2 مھينن جو کير پياڪ سنڌيار به کنڀيو ويو

جڏهن ته اُن معاملي تي وارثن، سياسي، سماجي ڪارڪن، اديب صحافي، دانشورن، شاعر، شاگردن، قلمڪارن ۽ وڪيلن ڀرپور آواز اٿاريندا رهيا آهن اُن ڏس ۾ ڪيترائي متاثر خاندان عدالتن ۾ به ويا آهن کنڀي گم ڪيل ماڻهن جو ڪيس سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ ھلندڙ آھي ۽ سپريم ڪورٽ ۾ به ھلي رھيو آھي جنھن جي نتيجي ۾ کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ھڪ ڪميشن به جوڙي وئي

پر بدقسمتيءَ سان جسٽس (ر) جاويد اقبال جي سربراهي ۾ جوڙيل اُھا ڪميشن کنڀي گم ڪيل ماڻهن جو مسئلو حل نه ڪري سگهي ويتر اُنھن جي زخمن تي لوڻ ٻُرڪي ڇڏيو آهي ڪميشن جي اِھا دعويٰ آهي ته ڪيترائي ماڻهو آزاد به ڪرايا آهن ۽ اُھو الزام ھنيو ويو ته کنڀي گم ڪيل ماڻهن مان کوڙ سارا ماڻهو پاڻ گم آهن. ڪميشن جو موقف هو ته اُھي ماڻھو پرڏيهه موجود ٿي ويندا اُھو ئي ساڳيو موقف عدالتن ۾ قانون لاڳو ادارا پيش ڪري رھيا آھن ۽ ڪيترائي دفعا سپريم ڪورٽ ٻڌايو آهي ته ماڻھن کنڀي گم ڪرڻ ۾ پرڏيهي ايجنسيون ملوث آهن جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان جا قومپرست بار بار چوندا رھيا آھن ته پوليس قانون لاڳو ادارن سان ملوث آهن سڄو معاملو ھر دفعي سامھون ايندو رھيو آھي تنھن باوجود به خبر ناهي حڪومت الائي ڪھڙي ننڊ ۾ ستل آهي جو ھن وقت تائين کنڀي گم ڪيل ماڻهن جو ڪيس نظر ڪونه پيو اچي.

 اسين حڪومت کي چئون ٿا ته اُھا ڪھڙي ”ھنود ڪاسائي“ جي کڏ آهي جو ھن وقت تائين کنڀي گم ڪيل ماڻهن جو ڏس پتو ناھي پئجي سگهيو آهي يا اُن ”ھنود ڪاسائي“ جي کڏ اَسان کي ٻڌايو ته اَسان کنڀي گم ڪيل ماڻهن کي اُتان ڪڍي اچون باقي ڪنھن کي بناجواز جي گھرن ۾ گھري رات جي ڪاري اونداهين ۾ ماڻهن کنڀي گم ڪرڻ توهانجي ڪھڙي قانون ۾ آهي

وقت گذرڻ باوجود  کنڀي گم ڪيل ماڻهن کي عقوبت خانن ۾  مختلف قسمن جون اذيتون ڏنيون پيون وڃن جيڪي انسانيت جي ماڻپي کان ٻاهر آهن جيڪڏهن  وارث، مٽ مائٽ، ۽ سياسي، سماجي ڪارڪن  بازيابي لاءِ احتجاج ڪن ٿا ته کنڀي گم ڪيل ماڻهن ۽ وارثن کي تشدد جو نشانو بڻائي جيل حوالي ڪيو وڃي پيو ته وري ٻئي پاسي قومي ڪارڪن جيڪي عقوبت خانن ۾ پنهنجون زندگيون گذاري رھيا آھن اُنھن تي قانون لاڳو ادارا بيحد تشدد ڪندا رھن ٿا جنهن سبب ھو زخمن جا سور نه سهندي ٽارچر سيلن ۾ ئي پنهنجي زندگي انت آڻي ڇڏين ٿا ته ڪي وري پنهنجون حسين زندگيون وڃائي اڇا مٿا ڪري ڇڏيا ھر ڏينھن رات پنھنجي گھروارن، مٽن مائٽن يارن دوستن ڏانهن ورڻ جو انتظار ڪندا رھن ٿا

جڏهن ته ھن ملڪ ۾ قانون ۽ آئين به موجود آهي اُن باوجود اھڙيون حالتون جنم وٺي رھيون آھن ڄڻ ته ھن ملڪ ۾ قھري آمريت قائم ھجي جو حڪمرانن کي اَسان جي پيارن جون سرگرميون حالتون به پسند ناھن جيڪي پنھنجي سنڌ ڌرتيءَ جي آجپي خوشحالي ۽ پنهنجي قوم لاءِ پُر امن طريقي سان جدوجھد ڪندا رھن ٿا ۽ پنهنجي وسيلن جي مالڪي لاءِ آواز اٿاريندا رھن ٿا اُنھن جي آواز کي بند ڪرڻ لاءِ اھڙيون سازشون ڪري رستي تان ھٽائڻ لاءِ ٽارچر سيلن ۾ قيد ڪري حڪومت اھڙيون ڪوششون ڪري رهي آهي

جڏهن ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جي حڪمرانن اقوام متحده جي انساني حقن واري چارٽر تي صحيحون به ڪيون آهن 1973ع وارو آئين به انساني حقن سان گڏوگڏ ھڪ شھري کي حقن جي تحفظ جي ضمانت ڏي ٿو ھي ماڻھو قانون ۽ آئين ۾ يقين رکندڙ آهن جن ھميشه اِھو موقف رکيو ته اَسان جي کنڀي گم ڪيل پيارن کي ظاھر ڪيو وڃي ۽ اُھي جيڪڏهن ھو ڪنھن ڏوهه ۾ ملوث آهن ته قانون موجب ڪورٽن ۾ پيش ڪيو ويو يا وري اُنھن کي جيل موڪليو وڃي باقي ائين گم ڪرڻ وارو عمل قبول ناھي

جيئن گذريل ڪجهه ھفتا اڳ شاگرد زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام، ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ 5 ڊسمبر ايڪتا جي ڏهاڙي ملهائڻ تي ۽ پنهنجي سنڌ جي ثقافت کي ملهائڻ ڪرڻ جي ڏوهه ۾ حڪومت مٿس بغاوتي ڪيس داخل ڪري جيل جي حوالي ڪيو ويو جيڪي ھميشه پنھنجي سنڌ ڌرتيءَ جي لاءِ پُر امن جدوجھد ڪري پنھنجي وسيلن جي مالڪي لاءِ جدوجھد ڪندا رھن ٿا جيستائين تائين کنڀي گم ڪيل ماڻهن جو ڏوهه ثابت نه ٿو ٿئي تيستائين اُھي بيڏوھي آھن پر جيڪڏهن سندس ڪو مٽ مائٽ، سماجي ڪارڪن قانون ۽ آئين جي دائري رھي ڪري پُرامن احتجاج ڪن ٿا ته بنا ڪنهن ڪيس کنڀي گم ڪيا وڃن ٿا قانون ۽ آئين گھرجي ته اِھا انساني حقن جي لتاڙ بند ڪئي وڃي ۽ شھرين جي جان، مال سان کيڏڻ وارو عمل بند ڪري قانون جي حڪمرانن لاءِ ضروري آهي ته کنڀي گم ڪيل ماڻهن کي عدالت اڳيان پيش ڪري ملڪ مان خوف واري صورتحال ختم ڪئي وڃي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.